Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر يمن ڪلياڻ جَي محبت جو ميدان ۽ ڪانُ جو بيت
لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيان،
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو ھَڻي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون کي جنھن هنڌ محبوب جو پھريون تير لڳو آهي، آءٌ اتي ئي (صبر سان) بيٺو آهيان (اهو هنڌ ڪونہ مَٽايو اٿم). آءٌ اتي ئي بيٺو انتظار پيو ڪريان تہ من منھنجو دلير دلبر وري ٻيهر ٻيو تير هڻي ڪڍي!
[مثنويءَ ۾ پڻ عاشقن کي محبوب جي هٿان بار بار قتل ٿيڻ (قرب جو مقام) جو مشتاق ڏيکاريو ويو آهي.
کشتہ از ذوق سنان دادگر،
مي بسود که بزن زخمي دگر.
والله از عشق وجود جان پرست،
کشتہ بر قتل دوم عاشق ترست.
(دفتر ششم، ب -1542-43)
معنيٰ: اهي ڪٺل عاشق پنھنجي محبوب جي هٿان مرڻ جي شوق ۾ فرياد ۽ زاري پيا ڪن تہ اسان تي ٻيو وار بہ ڪر. خدا جو قسم هن ظاهري جسماني زندگيءَ سان محبت جي مقابلي ۾، اهڙن ڪٺل عاشقن کي ٻيو ڀيرو قتل ٿيڻ سان وڌيڪ عشق هوندو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1062
لُوْرِيْ جِهِ لَـکوْمِ اُتٖيْ اُڀُوْ آَهِيَان﮶
سُوْرِہُ پِرٍ سَندُوْمِ مَنَ ٻَاڄَائِيْ ٻِئُوْ هَنٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लोरी जिति लगो॒मि। उते उभो आहियां।
सूरिहु पिरीं संदोमि। मन बा॒झाए बि॒ओ हणे॥
ROMAN SINDHI
Loree jit laggom, ute ubho Aahiyan,
Sooriha'u pireen sandom, man'a BaJhaye Biyo hanne.
TRANSLATIONS
(Personally) I stand firm at the site where I received the first arrow. My Beloved is chivalrous. Possibly He may be kind enough to aim against me again. (That is my hope.)
I stand still where with arrow I am struck,
Another one in His mercy He may aim, if it be my luck,
Head on gallows, body on parapet, utter no word,,
Bitten ones alone know the serpent love.
I stand firm where I received the first arrow,
My valiant beloved may show kindness and shoot another.
حثما رميت بالسهم أنا واقف فى نفس المرمي. يا ليت!
حبيبي البطل يتكرم عليّ ويرميني بالسهم الثاني.
بہ آن جای کہ گشتم صید، آنجا ایستادہ ام
مرا تیر سبک زخمی، عجب راحت رسانیدہ
ھنوز اُمیدوارم تاکہ باز آید ھمان تیرک
نگاہِ مہربان یا بم، قدم ثابت رسانیدہ
اوتھے ای کھلوتا ہاں، جِتھے وجا تیر
مِت سُورما ریجھ کے، متاں دوجا وی مارے
لگا تیر عار دا سینے کھڑا رہان اک جائی
سوچاں ہور چلائے سوہنا مہران دے وچ آئی
تیر لرزا ہوا میں اور لگا میں بھی اپنی جگہ سے ہل نہ سکا
کاش اک بار وہ جری محبوب پھر مرے دل پہ ہو کرم فرما
پہلا تیر جہاں کھایا تھا، وہیں کھڑا ہوں ساجن،
دوجا تیر چلائے شاید، گھائل کر دے تن من۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي…
- (بيت) عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا…
- (بيت) عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا…
- (بيت) عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي…
- (بيت) مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي…
- (بيت) مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ…
- (بيت) پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان…
- (بيت) ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، ھَڏِ نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
