Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ…
- (بيت) جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي…
- (بيت) جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي…
- (بيت) جَڏھِن ٻُڏِيُون جٖي، سُڪِيءَ جي…
- (بيت) ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ…
- (بيت) ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾…
- (بيت) ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي،…
- (بيت) ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ،…
- (بيت) ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان…
- (بيت) ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان…
- (بيت) ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ…
- (بيت) سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي…
- (بيت) سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي…
- (بيت) سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو…
- (بيت) سَوين سائِرَ گَجَنِ، تَہ سَھجُ…
- (بيت) سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،…
- (بيت) سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي…
- (بيت) عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو…
- (بيت) مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ…
- (بيت) مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان…
- (بيت) نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا،…
- (بيت) وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان،…
- (بيت) پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو…
- (بيت) ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي…
- (بيت) ڏِھاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحَبتَ مَٿي…
- (بيت) ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي…
- (بيت) ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿارِيَس…
- (بيت) ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ…
- سُر سھڻي جَي جيئري، ساھڙ ڌاران جو بيت
نَہ ڍورِيءَ نَہ نَنڍَ، سائِرَ ٻوڙِي سُهڻِي،
اَکِيُنِ ۾ اُڪَنڊَ، مُئِيءَ کي ميھارَ جِي.
رسالن ۾ موجودگي: 64 سيڪڙو
سمجهاڻي
سهڻيءَ کي وڏي درياھ (ذات حقيقي جي عشق) ٻوڙيو ۽ نہ ڪنھن ڍنڍ ڍوري (ظاهري دنيا جي عشق). (اهو ئي سبب آهي جو) مرڻ بعد بہ سندس اکين ۾ ميھار جي (لافاني) سڪ هئي.
[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
جستجوئي از ورائي حال و قال،
غرق گشتہ در جمال ذوالجلال.
غرق ني که خلاصي باشدش،
يا بجز دريا کسي بشناسدش.
(دفتر اول، ب- 2211-12)
معنيٰ: اها جستجو (طلب) حال ۽ قال کان مٿي آهي، جنھن ۾ سالڪ خدا جي جمال ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ان کي غرق (ٻڏل) نہ چئبو، جيڪو وري ٻاهر نڪري اچي، بلڪ هن جي سڃاڻپ خود درياھ يا ساگر ٿي پوي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1764
نَڊُوْرِيَ نَہ نَنڊَّ سَائِرَ ٻُوْرِيْ سُنْھَن﮼﮶
اَکِنِ مَنجِ اُڪَنڊَ مُيَهِ کٖيْ مِهَارَ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
न ढोरीअ न नन्ढ। साइर बो॒ड़ी सूहणी।
अखियुनि में उकनुड। मुईअ खे मेहार जी।
ROMAN SINDHI
Na dhhori'a na nandhh'a, saair'a Borri Suhinni,
Akhhiyun'ay mayn ukanD'a, mu'ee'a khhay Mehaar'a ji.
TRANSLATIONS
It was the main river and not a canal or a lake which drowned Suhni. But even as a corpse her eyes were brimful with love for Mehar. (She was looking lovingly for Mehar even after death.)
Note: Here Sahar may be interpreted as Allah, and canal and lake as the earthly causes.
And no person can die except with Allah's permission - a decree with a prescribed term. (145, Al-lmran).
با عشق تو در خاک فرو خواہم شد
با مہر تو سر ز خاک بر خواہم کرو
(Khayam)
I shall enter the earth while loving you, and with your mercy I shall raise my head out of it.
River drowned Suhni, neither stream nor lake,
With longing look in her eyes, to Mehar she was swept.
It was not a lake or a hollow that drowned Sohni,
Even after death her eyes were full of craving for the beloved.
لقد أغرق سهني اليم والبحر ولم تغرقها البحيرة ولا البركة.
وبعد موتها فى عينها الغرام والهوى وما زالت تسبح وتعوم تشتاق وتجري نحو الحبيب ميهار.
نا دریا نا ڈھاب نا چھپڑ کسے نا ڈولی سوہنی
سِک ماہی دی اکھیں بھرکے رڑہدی اوس ول گئی
سوہنی یوں نہ ڈوبتی شاید
موجزن ایک جوے رحمت تھی
موت کے بعد اس کی آنکھوں میں
اس مہینوال کی محبت تھی
کون ڈبوتا سوہنی کو، ڈبو گیا دریا،
نینن میں بس عکس پیا کا، تھا جھلمل کرتا۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.