Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو…
- (بيت) تو وَرَ وَھُون ڪيتِيُون، مُون…
- (بيت) توءِ مُنھِنجو وَلَهو، جي وارو…
- (بيت) جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو…
- (بيت) جَو تو ڀانيو ھارُ، سو…
- (بيت) جَي وارو نَہ ڏي، توءِ…
- (بيت) جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ…
- (بيت) داڳُ تُنھِنجو دائِما، ماري مَعذُورِيين،…
- (بيت) دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا…
- (بيت) رِيڌِيئَن پَسِي رَنگُ، ھُو جو…
- (بيت) سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ،…
- (بيت) سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ،…
- (بيت) سَڀَيئِي سُھاڳِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھَسَ،…
- (بيت) سُھاڳان ڏُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ٿِيَنِ،…
- (بيت) سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ…
- (بيت) سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ…
- (بيت) لَڏي تَہ لَڏَڻُ ڏِئو، اِيءَ…
- (بيت) مَڻيي مَٿي جٖي ھُئا، تَنِ…
- (بيت) مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ…
- (بيت) مَڻيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ…
- (بيت) مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي پاتُئِي…
- (بيت) مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ…
- (بيت) مَڻِيو تان نَہ مَڻِيو، جو…
- (بيت) مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ…
- (بيت) مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ…
- (بيت) نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي…
- (بيت) نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو…
- (بيت) چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا…
- (بيت) چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي…
- (بيت) چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا…
- (بيت) چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا…
- (بيت) چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا…
- (بيت) ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا…
- (بيت) ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا…
- (بيت) ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻُولايو ٻوڏُ چَئِين،…
- (بيت) ڍولِئا ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ…
- (بيت) ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ…
- (بيت) ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ،…
- (بيت) ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ،…
- (بيت) ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ،…
- (بيت) ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا…
- (بيت) کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ…
- (بيت) ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ…
- (بيت) ھائِي وِجهان ھارَ کي، مَنجهان…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ليلا جَي مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ جو بيت
توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان،
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.
رسالن ۾ موجودگي: 31 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي چنيسر) آءٌ تنھنجي ڏنل ڏهاڳ کي (ڇو تہ ان ۾ تنھنجي رضا شامل آهي) سڌو سنئون سھاڳ (سڀاڳ) سمجھان ٿي. تنھنجي طرفان جيڪي ڪجهہ ملي ٿو، آءٌ ان کي پنھنجو بخت ۽ ڀلو ڀاڳ ٿي ڀانيان. اي دلبر سائين، پر (آءٌ ڪيتري بہ ڪوشش ڪريان) تنھنجي جدائيءَ جو داغ ڪنھن بہ ريت مٽجڻ يا ڌوپجڻ وارو ناهي.
[الله جي قضا يعني حڪم تي راضي رهڻ بابت مثنويءَ ۾ گهڻو ڪجهہ چيو ويو آهي، جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
پس چرا گويد دعا؟ الا مگر،
در دعا بيند رضاي دادگر.
(دفتر سوم، ب- 1919)
معنيٰ: هو ڪھڙي دعا گهرندو؟ هو دعا فقط ان لاءِ گهرندو آهي تہ ان ۾ الله جي رضا کي جيئن جو تيئن سامهون ڏسندو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ليلا چنيسر، بيت نمبر : 2329
تُوْنٖيْ ڎِي﮼ ڎُهَاکُہ تَہ سَىءُ سُهَاکَنِ ڀَائِيَان﮶
مُنْـکٖيْ تُھْجُوْ سُپِرٍ سَڀُوْئِيْ سَڀَاکُہ﮶
دُوْسِتَ تُھْجُوْ دَاغُ ڌُئَا ڌُوْتُوْ نَلَھٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तोणे डि॒यें डु॒हागु॒। त सऊ सुहाग॒नि भांयां।
मूं खे तुंहिंजो सुप्रीं। सभोई सभागु॒।
दोसित तुंहिंजो दाग़ु। धुआं धोतो न लहे।
ROMAN SINDHI
Toneiy dean's duhaG, taa so'ew Suhaag an bhaanyo,
Moon khey tuhenjo supreen, Sabheeiy subhaG'u,
Dost tuhanjo DaaG'u, duaan dhoto naa lahey.