سَڀاڳُ بابت
معنيٰ
نصيب، بخت، چڱي قسمت. خوشي. رحمت، ڪرم. دولت.
Good luck, luck, good fortune. happiness, blessing, wealth.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ، ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ، تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]