Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ…
- (وائِي) اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (وائِي) اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي،…
- (وائِي) جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي…
- (وائِي) جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون،…
- (وائِي) روئِي لاٿو مُون، جان جان…
- (وائِي) شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ…
- (وائِي) لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تازو…
- (وائِي) مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون،…
- (وائِي) مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن…
- (وائِي) مُون رَتُ رُنُو ٿي رائي،…
- (وائِي) مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا…
- (وائِي) مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان…
- (وائِي) مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون…
- (وائِي) وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ…
- (وائِي) وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ…
- (وائِي) وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو…
- (وائِي) پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي…
- (وائِي) پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ…
- (وائِي) ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون…
- (وائِي) ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي…
- (وائِي) ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئِي جَبَلُ…
- (وائِي) ڪوھِيارِي جِي ڪا ماريندِيَمِ ماءَ،…
- (وائِي) ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي…
- (وائِي) ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ…
- (وائِي) ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا،…
- (وائِي) ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ،…
- (وائِي) ھاڙھي ويندا ھوتَ مُئيءَ جا،…
- (وائِي) ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي…
- سُر حسيني جَي وايون جي وائِي
لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري،
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) منھنجي جڏهن کان هوتن سان محبت جي ميخ لڳي آهي، تڏهن کان آءٌ عشق ۾ نڪري نروار ٿي آهيان، پڌري ٿي پيئي آهيان. مون کي هن ڪوهياري پاڻ ڪُھي ڇڏيو آهي، منھنجي دل اندر اهو دوست باھ جو مچ ٻاري ويو آهي. مون کي اميد آهي تہ هو مون مسڪين ڏي ضرور پاڻ مھرباني ڪري لڙي ايندو. عبداللطيف چوي ٿو تہ مون آرياڻي ڄام جو عشق پنھنجي بلي ڪري کنيو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
लाए जड़ जतनि सें। आऊं जा चड़िही नींहं नज़ारे।
आऊं जा कुठियसि काणि कोहियारे।
मचु मुंहिंजे मन ते। विओ बा॒रोचो बा॒रे।
ईंदा अथमि आसरो। वाग॒ विलिहीअ ते वारे।
उते अब्दुल्लतीफ़ चए। मूं चाते अश्क़ु इज़ारे।
ROMAN SINDHI
laaee jarr'a jatan'ay see'n, aaun jaa charrihi neenhan nazaaray,
aaun jaa kithhiyas'ay kaann'ay kohiyaari,
mach'u muhinji man'a tay, wi'o Baarocho Baaray,
eendaa utham'ay aasiro, waagg'a wilhi'a tay waaray,
utay Abdil'Lateef'u chae, moo'n chaato ishq'u izaaray.