Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ…
- (بيت) اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ…
- (بيت) اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا…
- (بيت) اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا…
- (بيت) بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ…
- (بيت) جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي…
- (بيت) سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ…
- (بيت) سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو…
- (بيت) سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،…
- (بيت) سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،…
- (بيت) ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي…
- (بيت) مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ…
- (بيت) وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو…
- (بيت) وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون…
- (بيت) ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو…
- (بيت) ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ…
- (بيت) چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ…
- (بيت) ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ…
- (بيت) ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي بادل نيڻ ۽ مينھن جو بيت
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري.
رسالن ۾ موجودگي: 97 سيڪڙو
سمجهاڻي
ھُو ويچاريون جهُڙ ۽ بادلن ڏانهن نھاري پنھنجن ورن کي دل ۾ ياد ڪري پيون روئن ۽ رڙن. هو اڪيليون عورتون (جن جا ور پرديس ۾ آهن) وڄ جي گجگوڙ ٻڌي خوف ۽ ڊپ ۾ پيون ٿڙڪن ۽ ڏڪن. (ڌڻيءَ در دعا آهي تہ) شل انهن جا سنڀاليندڙ مڙس واپس اچي سندن ڍڪ ۽ بچاءُ ڪن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1803
ڪُنْڪَنِ ڪَاندُ چِتِ ڪِئُوْ پَسِئُوْ ڄُرُ جُنْڪَنِ﮶
سُنِئُوْ رَرِ رَعْدَ جِيْ ڪَلِيٌ ٿِيٌ ڪَنڀَّنِ﮶
وَارِثُ وَرِيْ تَنِ اَچِيْ شَالَ اُوْلُوْ ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कुणिकनि कांधु चिति किओ। पसिओ झुड़ु झुणिकनि।
सुणिओ रड़ि राद जी। कलिह्यूं थियूं कंबनि।
वारिसु वरी तनि। अची शाल ओलो करे।
ROMAN SINDHI
Kankan'n kandh chitt kao'w pasow jhar jinkan,
Sahon rar'r radh je kaali e kanbhan,
Waris ore tinn achee shaal aololo karey.
TRANSLATIONS
When widows see clouds they get upset, and they remember their consorts. They hear the thunder’s roar and get panicky. Poor women! Their husbands being absent, they keep mum and uncomplaining.
They put up their fingers in their ears because of the thunder claps for fear of death. (19, AI-Baqarah).
TRADITIONS:
(a) At the time of clouds or storm the Prophet used to express fear of Allah.
(b) When you hear the thunder’s roar, remember Allah, because thunder bolt never fall, on one who is so engaged.
Sight of clouds make widows sob, thinking of their mates,
May huts that they' have build, without any help not get wet,
If rain from north destroys them, whom can they complain?
Would that their spouses could come back to them!
Clouds remind them of their absent husband,
Lightning roar through their frames sends shuddering's,
In silence they suffer, so helpless they feel.
Seeing clouds they cry for their consorts sobbing convulsively,
May the huts built by these forlorn damsels not get drenched
and leak in the rain,
When chilly winds of north demolish their huts to whom they
should turn cry out for help,
May that their protectors come back to take care them.
الارملات يذكرن الأزواج فى قلوبهن وينظرن الغيوم ويحزنن عندما يسمعن صوت الرعد ترتعد أكبادهن.
الفتيات المسكنيات بدون الأزواج يعش فى الصمت ولا يتحرجن.
گرج گرج کر بادل آئے، کرے وہ پی کو یاد،
خوف سے برہن کانپ اُٹھے ہے، گرج چمک کے بعد،
کون سنے فریاد، بن تیرے اے ساجن!
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا