جُهڙُ بابت
معنيٰ
آسمان جو ڪڪرن سان ڇانئجڻ واري حالَتِ، آگم، ڪَڪَر، بادلَ، ميگهہ. ڪڪرن جي ڇانوَ.
Clouds over sky, condition before raining on sky, shadow of clouds.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ، وَرَ ري وانڊِنِ اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ، اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ڪَنھِن…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ، لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ بَرَسي اَپارَ، وَرَ جَنِ جا پارَ، تَنِ جُون اوڪاڻِيون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَھي جِھَڙا مُنھِنجا سُپِرِين، تِھَڙا ميگهَہ مَلهارَ ، کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، تَہ وَڃَنِ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ، اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو، تَتِيءَ تايائِين، رائي رُنائِين، اَپارِي کي اوٺِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ، آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]