ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ…
- (بيت) اَري بادَلِيا تُم اُتِ بَرسَ…
- (بيت) اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا…
- (بيت) اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا…
- (بيت) بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ…
- (بيت) جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي…
- (بيت) سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ…
- (بيت) سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو…
- (بيت) سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،…
- (بيت) ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو…
- (بيت) مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي…
- (بيت) مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ…
- (بيت) وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو…
- (بيت) وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون…
- (بيت) ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو…
- (بيت) ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ…
- (بيت) چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ…
- (بيت) ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سَنجهي…
- (بيت) ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ…
- (بيت) ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ…
- (بيت) ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي بادل نيڻ ۽ مينھن جو بيت
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، پَلُرُ پِياري،
وِڄَڙِيُنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نايا.
رسالن ۾ موجودگي: 42 سيڪڙو
سمجهاڻي
مينھن جي مُند سنڀري سينگار ڪري آئي آهي ۽ کنوڻيون وسڻ جي تياريءَ ۾ آهن. عبداللطيف چوي ٿو تہ مينھن جو اهو اوجل ۽ ججهو پاڻي لکين اڃايل انسانن جي اڃ لاهيندو . مالڪ انهن وڄڙين کي ڪعبة الله جي مٿان موڪلي باران رحمت جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1822
سَارِنکُّہ سِنکَارٖيْ وِڃٌ وَٽِيْ آَئِيٌ﮶
اُڃِئَا لَـکَہ لَطِيْفُ چٖيْ پَلُرُ پِيَارٖيْ﮶
وِڃَرِيُنِ وَارٖيْ ڪَعْبٖيْ تٖيْ ڪَرَنَائِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सारिंगु सींगारे। विजूं॒ वठी आयूं।
उञिया लख लतीफ़ चए। पलुरु पियारे।
विज॒ड़ियुनि वारे। काबे ते कर नाया।
ROMAN SINDHI
Saarang senghari, wijhon wathi ahyon,
Unyan lakh Lateef chae, pilar piyari,
Wajhrin wari, kaabe te kar naya.
TRANSLATIONS
The lightning was there to bring rain and it decorated the monsoon sky (by its flashes). Latif says: “it served water to millions of thirsty persons. Later it turned its course to Kaaba (at Mecca) and started raining there”.
Note: This refers to the conquest of Mecca and the wholesale acceptance of Islam there.
Clouds bedecked with flashes have come to rain,
It provided water to thirsty millions the
flashing clouds turned and stretched their limbs on Kaa'ba.
خلق کی تشنگی بجھانے کو
بدلیاں پھر سے لوٹ آئیں ہیں
بجلیاں سرمئی گھٹائوں میں
جوے آب حیات لائی ہیں
بادل آئے، بجلی چمکی، سارنگ کرے سنگھار،
پیاس بجھائی لاکھوں کی جب، برسے میگھ ملہار،
کعبہ پہ اے یار! چھائے ہیں بادل۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا