وارِثُ بابت
معنيٰ
ورثو وٺڻ وارو، ميراث وٺڻ وارو، ترڪو وٺندڙ، حقدار، مستحق، فوتي جي ملڪيت مان حصو وٺندڙ. مالڪ. خانوند، ڌڻي، ميان. سنڀاليندڙ، نگھبان، سرپرست. وصي، ڪانڌ. عزيز، لاڳاپو رکندڙ، اولاد، ابا ڏاڏا، مائٽ.
Master, lord, owner, successor, inheritor, master, lord, supporter, legatee.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ، سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ، سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]