Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ…
- (بيت) اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي…
- (بيت) اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ…
- (بيت) سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون…
- (بيت) سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ…
- (بيت) سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي…
- (بيت) سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي…
- (بيت) مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،…
- (بيت) نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ…
- (بيت) ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو…
- (بيت) ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ…
- (بيت) ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي…
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ،
گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،
سوڍي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قُرِبَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل ٿي چوي) جيڪڏهن منھنجو (منٺار) مينڌرو لڊاڻي ۾ موٽي اچي تہ آءٌ سڀ مال اسباب ساھ سوڌو مٿس صدقي ڪريان. مون کي راڻي جي ملڪ ۾ راڻي کان سواءِ ٻيو ڪو مال ملڪيت نہ گهرجي، انهيءَ ڪري آءٌ سوڍي کي هر وقت صرف پنھنجي محبت جو سوال پيئي ڪريان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3683
ڪَرٖيْ مُوْٽَ مَيْدَرُوْ جٖيْ لُڊُوْرِئَا لَالُ﮶
کَرُ مِرُوْئِيْ کُوْرِيَان هُنْدَ پَھْجُوْ حَالُ﮶
رَانٖيْ ڌَارَا رَاڃَم﮼ مُنْ نَکُرْجٖيْ مَالُ﮶
سُوْڊٖيْکٖيْ سُؤَالُ ڪَرْيَان ٿِيْ قُرْبَجُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
करे मोट मेंधरो जे लुडोणिआं लालु।
घरु मिड़ोई घोरियां। हूंद पंहिंजो हालु।
राणे धारां राज॒ में। मूं न घुरिजे मालु।
सोढे खे सुवालु। करियां थी क़ुर्ब जो।
ROMAN SINDHI
Kare mott'a mendharo je luDHnniyan laal'u,
Ghar'u mirriyoee ghoriyaan, hoond'a pahenjo Haal'u,
Raanne dharaan raaJhh me, moon na ghurje maal'u,
SoDhhe khe suwaal'u, kariyan thi Qurb'a jo.
TRANSLATIONS
If my beloved Mendhra were to return from Ludano I would sacrifice myself and my house for him. Without him I do not need any property in this world. My only request to Sodho is for his love.
And know that your possessions and your children are but a trial.
(28, AI-Anfal).
If my love Mendharo comes from Ludaano,
I will give whatever I have,
No wealth of any sort I need without him,
I entreat Sodho with heart and soul to come.
موڑ مہاراں میندھر میرے تُرت لڈانے آویں
تیتھوں جندڑی گھول گھماواں میرا دُکھ ونڈاویں
تیں بن رانے ہور لالسا میرے دل وچ ناہیں
سوڈھے! منگ مری ھے، اکو قُرب تینڈ ھڑا لوڑاں
لوٹ آئے اگر مرا رانا
اس پہ کر دوں متاعِ جاںقرباں
ساز و سامان زندگانی کا
میرے دل میں نہیں کوئی ارماں
غم کوئی جز غم وصال نہیں
اور کوئی مرا سوال نہیں
آئے اگر وہ لوٹ کے، میرا لالن لال،
سب کچھ اس پہ واروں جو ہے، جانے میرا حال،
رانا بِن میں اور نہ مانگون، وہ ہے جان و مال،
کرتی ہوں عرض سوال، دل و جان سے سوڈھا۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)