سوڍي بابت
معنيٰ
راڻَي، مُومل جي مڙس. مينڌري، ”راڻَي سوڍي“، مومل راڻي جي ڪھاڻي جي هيرو. سوڍا قبيلي جي هڪ فرد.
Husband of Moomal, Person of Sodha community, Mendhro (Proper noun), Hero of Moomal Rano Chapter
بيتن ۽ وائين ۾
- راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِهہ ڪَري، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، وَڃِي مانَ وَري، آسائِتِيءَ آھِيان.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون سين ڳالِهہ ڪِي، سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ، اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ، ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ، لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ، ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا مَحَلَ ماڳَ، سوڍي جي سَرَتِيُون، وِڌِيَسِ وَھَ ويراڳَ، سُورَنِ لايا ساڳَ سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ڪاڪِ نَہ اَچِي ڪَسِ، راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، ھِنيَين سين ھاڃو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو، سو ڏِسَڻُ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو، پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو، مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو، ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ٿِي ڪارِي قِيامَتَ، اَندَرِ آڳُون لائِيُون، سوڍي جي صُحبَتَ، مارِيَسِ تَنھِن مَحَبتَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون، مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ، تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي راتِ ڪِئو، لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]