Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُٺ ڪاڪ جي هنڌن ماڳن تان سوادي کاڄ کائي جتي ڪٿي ڏاڍو مزي سان خوش ٿي پيو گهمي ڦري، هن جو سمورو ڊپ لھي ويو آهي. هاڻي سندس خراب رنگت ئي مٽجي ويئي آهي ۽ لُڊوڻي مان ڳاڙهو متارو ٿي پلجي نڪتو آهي. اُٺ پنھنجيون ڏاٺيون بہ ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون آهن، ڇو جو ناگيل وڻ جا پن کائي هو اوڳر ڪندي پان جون ڳاڙهيون پِڪون پيو نڙيءَ مان ڪڍي. هن هڪڙي اُٺ پنھنجن اُٺن وارو سمورو وڳ انهيءَ سرهاڻ سان واسي ڇڏيو!
[روميءَ مثنويءَ ۾ اُٺ جي ڪنايي کي ڪيترين معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. اٺ ۽ خچر جي آکاڻيءَ ۾ خچر اُٺ کي مخاطب ٿي هينئن چوي ٿو:
اي شتر که تو مثال مومني،
کم فتي در رو وام بيني زني.
(دفتر چهارم، ب- 3389)
معنيٰ: اي اُٺ تون واقعي مؤمن جي مثال آهين. ڪڏهن بہ منھن ڀر نٿو ڪِرين ۽ نہ وري ڪڏهن مار کائين ٿو.
اُٺ جو جواب هن طرح آهي:
چشم اشتر زان بود بس نور بار،
کو خورد از بهر نور چشم خار.
(ب- 3376)
معنيٰ: اُٺ جي اک ان ڪري تيز ڏسڻ واري هوندي آهي، جو هو اک جي روشنيءَ لاءِ ڪنڊن وارا پن کائيندو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3685
ڪٍ جُوْ ڪَاڪِ تَرَاءُ چَانکٖيْ چَرَهُوْ چَکِئُوْ﮶
ڪَرَهٖيْ ڪَانٖيْٽٌ رَتِيٌ نَائٖيْ نَاکٖيْلَا﮶
وَکُہ وَاسِئَا پَاهِجُوْ سَڀُوْئِيْ سُرَاهِيَا﮶
ڪَرَهُوْ سَرَهُوْ ڎٖيْھَم﮼ نَتِهْ ڊَپُ نَڊَاءُ﮶
پَاہُ پِرَائٖيْ آَئِيُوْ لَالِيْ لُڊُنِئَا﮶
تُنْ ڊَاٽِيْ تُنْ ڊَٽَ ڌَنِيْ تُنْ رَانٌ تُنْ رَاءُ﮶
مُنْمَلَ مُحْتَاجِيٌ ڪَرٖيْ عَاجِزِيٌ اَکِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
की जो काकि तड़ां। चांगे चरहो चखिओ।
करहे काणेठूं रतियूं। नाए नागेला।
वगु॒ वासिआईं पांहिंजो। सभोई सुराहियां।
करहो सरहो डे॒ह में। न तिंहिं डपु न डाउ।
पाहु पिराए आयो। लाली लुडूणिआं।
तूं ढाटी तूं ढट धणी। तूं राणू तूं राउ।
मूमल मुह्ताजियूं करे। आजिज़्यूं अगि॒याउ।
ROMAN SINDHI
Kee jo kaak tarraan, chaange charaho chakhiyo,
Karahe kaannethhoon ratiyoon, naaye nageela,
Wagg'u wasyaeen pahanjo, sabhoee surahiyaan,
Karaho saraho Deh'a me, na tahen DHap'u na DHa'u,
Paah'u piraye Aayo, laali LuDHunniyan,
Toon Dhhattee toon Dhhatt'a dhanni, toon raanno toon raa'u,
Moomal'a muHitajiyoon kare, aajizyoon aggiyaa'u.
TRANSLATIONS
The camel (i.e. the human being) seems to have fed himself upon some pastures (i.e. really good things) of this world. He conducts himself happily, without any fear.
He has acquired this daring after taking the red fodder of Ludano (i.e. the blessings of the Hereafter).
He has reddened his teeth by stooping and taking 'Nakeli' flowers.
He has spread fragrance in his herd so much that each animal emits fragrance.
Note: There have been innumerable spiritually evolved persons among the Prophet's followers who have left good name after having benefitted from him.
Verily you are Dhatti - master of Dhat. You are Rano, the King
(the Prophet of Islam).
Mumal stands in front of you and entreats you like a beggar, and in unison with Abdul Latif she says: "Pray come back to my palace
(in Kak)".
ایں خود نہ بس است زمہر تو حاصل من
کز عشقِ تو آراستہ باشد دل من
It is hardy enough for me if due to your grace my mind becomes adorned with your love.
کاک دے کنڈھے دسیں بوتے کی آیا دریائیں
اپنی جوہ وچ کُھلاں مانے ڈر ڈُکر کو نائیں
کی آیا دریائیں
بلہیں چڑھ گئی لالی تیرے تیں پانی پیتائیں
کی آیا دریائیں
دند وے تیرے ہوئے رتے }ناکیلاں(٭) { چریائیں
کی آیا دریائیں
دسی جاکے رانے سوڈھے توں ہیں ڈھٹ دا سائیں
کی آیا دریائیں
کہے لطیف مُڑ آئیں رانے محلیں پھیرا پائیں
کی آیا دریائیں
(٭) ناکیلاں = اِک جھاڑی
اے ناقۂ سودائی ۔ کیا چیز وہاں کھائی!
کیا کاک کی وادی نے پیغام سنایا ہے
کس نے ترے چہرے کو گلرنگ بنایا ہے
یہ رنگ یہ خوشبوئیں یہ حسن بہ رعنائی
اے ناقۂ سودائی
کیا چیز وہاں کھائی
جا ڈھٹ کی طرف جا کر لے آ مرے رانے کو
کہنا مجھے مومل نے بھیجا ہے منانے کو
میں عاجز و درماندہ تجھ میں یہ توانائی
اے ناقۂ سودائی
کیا چیز وہاں کھائی
کاک کنارے آکر، جانے اونٹ نے کیا چکھا ہے،
دیکھ کہ کیسا خوش ہے جگ میں، ذرا نہیں ہے ڈر،
لُڈانا سے مستی پائی، لالی میں رچ کر،
سرخ مہکتی بیلیں کھائیں، گردن نہوڑا کر،
سارا گلہ مہک رہا ہے، کاک ہے یہ اثر،
تو ڈھاٹی ہے، ڈھٹ کا مالک، تو ہی ہے رہبر،
مومل عرض و نیاز کرے ہے، دوار تیرے آکر،
کہے لطیف کہ آجا ساجن، پیر محل میں دھر۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ…
- (بيت) اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي…
- (بيت) اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ…
- (بيت) سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون…
- (بيت) سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ…
- (بيت) سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي…
- (بيت) سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي…
- (بيت) مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،…
- (بيت) نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ…
- (بيت) ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو…
- (بيت) ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان…
- (بيت) ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
