Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ…
- (بيت) اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ،…
- (بيت) رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ…
- (بيت) سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون…
- (بيت) سوڍا سُورَ سُڪايُون، اَکِيُون آبُ…
- (بيت) سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي…
- (بيت) سَڃِ تَہ مانَ سُورُ لَھي…
- (بيت) مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري،…
- (بيت) نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ…
- (بيت) ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو…
- (بيت) ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان…
- (بيت) ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ…
- (بيت) ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي…
- سُر راڻو جَي رُس مَ رُسڻ گهورئو جو بيت
اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي نِجُهري،
پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اڄ هُنن (سرتين) جي ڳالهائڻ جو ڪو آواز ئي ڪونہ ٿو ٻُڌجي، جيڪي (هن کان اڳ) هڪ هنڌ اچي گڏبيون هيون. ڏسو، انهن کي شايد اهو خيال آيو هجي (تہ راڻي جي رُسامي کان پوءِ مومل پاڻ بي حال آهي، وٽس ويھي ڇا ڪبو). ان ڪري سرتين جي اها گڏجي ويھڻ واري جاءِ ويران لڳي پيئي آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3814
اَڃُ نَکَالَائُوْنِ هُوْنِ ڎِيْھَانٍ نِجُرٖيْ﮶
پَسُوْ پَهُ پِئُونِ آَتَنُ سُنڃٌہ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ न गा॒लहाऊंनि। हूनि डि॒हाड़ी निझुरे।
पसो पहु पिऊंनि। आतणु सुञू उनि रे।
ROMAN SINDHI
AJhhu na ggalhaiyoon, hoon Diharri niJhuree,
Passo pah'u piyun, Aatan'u sunjo un ree.
TRANSLATIONS
Normally the beloved speaks to me daily in my house. Today, however, I do not hear his talk. Just behold! The cotton pods lying unattended. My house is desolate without him.
All my mates used to chat at weaving place of my house,
Now behold cotton pods lying on ground, and desolate weaving place.
ویہڑے اُجڑے سجناں باہجوں رونق رہی نا کائی
بھاں بھاں کردا آتن کاک اُداسی چھائی
ہائے یہ ہولناک سناٹا
اف یہ خاموشیوں کے ویرانے
ہر گھڑی جن کے ساتھ جیتی تھی
وہ گئے ہیں کہاں خدا جانے
کب سے رانے کے انتظار میں ہیں
کاک کے سوگوار کاشانے
گونج رہا تھا آنگن، پیار بھری باتوں سے،
دیکھ کے اُجڑے آسن، منوا تڑپن لاگے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)