Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ…
- (بيت) آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،…
- (بيت) اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،…
- (بيت) بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو…
- (بيت) بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾،…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو…
- (بيت) سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي…
- (بيت) سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ…
- (بيت) مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي…
- (بيت) مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ…
- (بيت) ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي…
- (بيت) ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ…
- (بيت) گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ…
- (بيت) گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،…
- (بيت) گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ…
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
ڪالهہ اسان جي ملاقات هڪ وڏي حوصلي واري ۽ معتبر شخص سان ٿي جيڪو (بظاهر) ساميءَ جھڙي لباس ۾ هو. سندس مٿي جا وار سينهونءَ جيان وڪوڙيل هئا ۽ سندس ڳچيءَ ۾ مڻڪن وارو سهڻو ڪنٺو پيل هو. اهڙو فقير صفت انسان هڪ ئي ملاقات ۾ (عشق جي تاثير سان) اسان جي دل کي گهائي ويو.
[مثنويءَ ۾ پڻ هڪ هنڌ اهڙي شھزادي عاشق جي حالت کي ساڳيءَ ريت بيان ڪيو ويو آهي:
بيني اندر دلق مهترزاده اي،
سر برهنہ در بلا افتاده اي،
در هوائي يک نگاري سوخته،
اقمشه و املاک خود بفروخته.
(دفتر سوم، ب- 1451)
ترجمو: گودڙيءَ ۾ هڪ اميرزادي کي ڏس، جنھن جو مٿو اگهاڙو ۽ مصيبت جو ماريل آهي. هو ڪنھن جي عشق ۾ چوٽ کائي مال ملڪيت ۽ سموري پونجي لٽائي آيو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3707
ڪَالَ کَڎِئُوْسٌ ڪَاپَرِيْ بَابُوْ بٖيْکَارِيْ﮶
سَامِيَ سٖيْلُوْ سِرَ تٖيْ مَالَا مُوْچَارِيْ﮶
ڎٖيْئِيْ ڎيْکَارِيْ فَقِيْرُ دِلِ ڤَٽٖيْ وِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कालह गडि॒योसूं कापड़ी। बाबू बेखारी।
सामीअ सेलो सिर ते। मालहा मोचारी।
डे॒ई डे॒खारी। फ़क़ीरु दिलि फटे वओ।
ROMAN SINDHI
Kaalh'a gaDiyosoon kaparree, babu bekhaari,
Saamee'a selo sir'a te, maliha mochaaree,
Deyi Dekharee, faQeer'u dil Phatte wiyo.
TRANSLATIONS
Yesterday we (i.e. King Hamir and his three ministers - Rano Mendhro, Dawar Bhatti and Panhiro or Sanhro Dhamchani) met a nomad of the fraternity of those known as Jogis. He had a shawl on his head and an attractive rosary (round his neck). The meeting was very brief. He just gave us an outline (of Mumal's story), but it was enough to create a commotion of love in our minds.
Yesterday a begging yogi did we meet,
On his head a green scarf, round his neck a string of beads,
His appearance was the cause of immense distress to us all.
Yesterday we meet a begging, incense burning ascetic,
Scarf around his head, fine-looking rosary around his neck,
He described Moomal's beauty and wounded our hearts.
بالأمس لاقينا متجول والمتسول والصعولك وكان مرتديا على رأسه رداء وفى جيده قلادة جميلة هذا الشخص رأيناه كشف نفسه وجرح قلبنا وراح.
کل اِک رمتا جوگی مِلا سانوں الکھ جگائی
سر تے سیلی گل وچ مالا آبھا جہناں وہائی
موہ لیا دل ساڈا اوس نے دے دیدار الہی
روئے زیبا دکھا گیا کوئی
مست و بیخود بنا گیا کوئی
مٹ گیا فرق سجہ و زنّار
دام ایسا بچھا گیا کوئی
کل سر شام چاندنی کی طرح
بزم گیتی پہ چھا گیا کوئی
ہائے وہ رنگ روپ وہ سج دھج
کتنے جلوے دکھا گیا کوئی
کل بدل کر بھکاریوں کا بھیس
گنجِ عرفاں لٹا گیا کوئی
کل دیکھا اک جوگی سوامی، انگ بھبھوت بھکاری،
ماتھے پر تھا مُکٹ، گلے میں سجی تھی مالہا پیاری،
ایک نظر جو ڈاری، کر گیا دل کو گھایل۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)