Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ…
- (بيت) آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،…
- (بيت) اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،…
- (بيت) بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو…
- (بيت) بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾،…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو…
- (بيت) راڻي جِيءَ رِھاڻِ ۾، ڪو…
- (بيت) سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي…
- (بيت) سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ…
- (بيت) مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ…
- (بيت) مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي…
- (بيت) مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي…
- (بيت) مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ…
- (بيت) چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيو سُون ڪاپَڙِي، حَيرِيَتَ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگِ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بيکارِي ۾…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ…
- (بيت) ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ…
- (بيت) ڪو جو ڪالَهہ گَڏِيُون، بيکارِي…
- (بيت) ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ…
- (بيت) گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ…
- (بيت) گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،…
- (بيت) گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ…
- سُر راڻو جَي خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر جو بيت
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اِلَماسَ،
نَہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 68 سيڪڙو
سمجهاڻي
مومل کي مجاز (محبت ۽ عشق) جا اکين ۾ (وڍيندڙ) هيرا (نهايت سخت ۽ تکا تيز) پيل هئا. هُن وٽ امير توڻي فقير جو لحاظ نہ هو، ڪو بہ سندس تکي نظر کان بچي نٿي سگهيو. جيڪو بہ آيو ٿي تہ وڍجي ۽ ڪسجي (زخمي ۽ ڦٽجي) ٿي ويو.
[الماس يعني هيرو سڀ کان وڌيڪ سخت ۽ هر شيءِ کي وڍيندڙ آهي، مثنويءَ ۾ ان جي وڍڻ واري خاصيت ڏانھن هن ريت اشارو ٿيل آهي:
گر بود چوبين، برو ديگر طلب،
ور بود الماس، پيش آبا طرب.
(دفتر اول، ب- 715)
معنيٰ: جيڪڏهن تنھنجي هٿ ۾ ڪاٺيءَ جي تلوار آهي تہ اها ڦٽي ڪر ۽ ٻي کڻ. پر جيڪڏهن اها الماس (تکي تيز تلوار) آهي تہ پوءِ خوش ٿي کڻ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3737
مُنْمَلَ کٖيْ مَجَازَ جَا اَکِنِم﮼ اِلْمَاسَ﮶
نَڪَا عَامَ نَخَاصَ جٖيْ وِئَا سٖيْ وَڊِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूमल खे मजाज़ जा। अखियुनि में इलमास।
नका आम न ख़ास। जे विआ से वढिआ।
ROMAN SINDHI
Moomal'a khe majaaz'a ja, akhiyun me ilamaas'a,
Na ka aam'a na KhaaS'a, je wiya se waDhhiya.
TRANSLATIONS
Mumal has equipped her eyes with sharp black swords of ruthless indifference. She does not bother herself about discrimination (in her victims) between the elite and the plebeian. She cuts down all who dare to approach her.
As if they (i.e. eyes) were rubies and small pearls. (58, Al-Rehman) And there would be fair maidens with wide lovely eyes like pearls well preserved.
(22, 23, Al-Wakiah).
پیش ایں الماس بی اسپرمیا
کز بریدن تیغ را نبود حیا
(Roomi)
Do not appear without a shield before this sharp cutting sword as it does not mind cutting.
Her eyes have diamonds of amour,
Noble or commoner whosoever goes there is slain without distinction.
نین مومل دے شوخ طرارے جیوں کر تیز کٹاراں
ڈکرے ہویا جو وی آیا ہیٹھ اچان دھاراں
مومل کے نینوں میں، عشق کے ہیں الماس،
عام ہو چاہے خاص، ہوجائیں سب گھائل۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)