Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر پورب جَي ڪانگ جو بيت
آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 60 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڪانگ، اچ ۽ اچي وڻ تي ويھ ۽ مون کي منھنجي پرينءَ جي ملڪ جون خبرون چارون ڏي: ”منھنجا پرين چڱا ڀلا آهن، اُتي خوش آهن ۽ اُهو ملڪ سکيو ستابو آهي“. مان تہ پنھنجي پرينءَ خاطر پرديس جون گهڻيون ئي پڇائون پيئي ڪريان.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2807
اُڎُرْ ڪَانکَا آَءُ وَنْ وٖيْهُ سُڌِيٌ ڎٖيْ سَانٖيْهَ جِيٌ﮶
چَنکَّا ڀَلَا مُنْ پِرٍ ڪِ سُکِہ وَسٖيْ سَانٖيْهُ﮶
پِرْيَنِ لَئِى پَرَڎٖيْهُ مُنْ تَا کَنٌ نِهَارِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आउ कांगा वणि वेहु। सुधियूं डे॒ साणेह जूं।
चङा भला मूं पिरीं। कि सुखि वसे साणेह।
पिर्यनि लए परडे॒हु। मूं तां घणू निहारिओ।
ROMAN SINDHI
Aau kaanga wann weh'u, sudhiyoon De sanneh'a joon,
Changa bhala moon pireen, ke sukh wase sanneh'u,
Piriyan lae parDeh'u, moon taan ghanno nihaariyo.
TRANSLATIONS
O crow! Please come, sit on a tree and give me news of the village (of the beloved). I would like to know if he is alright and there is an atmosphere of happiness there. As a matter of fact I have been looking fondly in the direction of that distant place for the sake of the beloved.
Come crow, perch on a tree branch and tell about the homeland,
Was my beloved happy and the homeland prosperous?
I have looked aboard for the beloved long enough.
میرے آنگن میں بیٹھ کر کوا
مجھ کو پہنچا رہا ہے تیرا سلام
دل کا آرام ہیں تیری باتیں
روح کی ہے غذا ترا پیغام
آن کے بیٹھ تو ڈالی پر، دیس کے کہہ احوال،
کیسے تھے وہ ساجن میرے، دیس تو تھا خوشحال،
اب تو یہ ہے حال، تکتی ہوں پردیس کی جانب۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀانِ پَچارِ،…
- (بيت) آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي…
- (بيت) آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو…
- (بيت) آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ…
- (بيت) اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو…
- (بيت) اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي…
- (بيت) اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ…
- (بيت) ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ…
- (بيت) ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ…
- (بيت) زاغَ تُنھِنجي ذاتِ جو، ٿورو…
- (بيت) سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي…
- (بيت) قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، مَٿي ٽارَ…
- (بيت) مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو…
- (بيت) وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين،…
- (بيت) وَھِلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين،…
- (بيت) پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ…
- (بيت) پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ…
- (بيت) ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ…
- (بيت) ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي…
- (بيت) ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا…
- (بيت) ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ…
- (بيت) ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ…
- (بيت) ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ…
- (بيت) ڪانگَ نيئِي ڪانگِ، مُنھِنجِي ڏي…
- (بيت) ڪانگَلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرِين جٖي…
- (بيت) ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ…
- (بيت) ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي…
- (بيت) ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ…
- (بيت) ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين…
- (بيت) ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ…
- (بيت) ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا…
- (بيت) ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو…
- (بيت) ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ…
- (بيت) ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ…
- (بيت) ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون…
- (بيت) ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي…
- (بيت) ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين،…
- (بيت) ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا…
