ساڻيھُ بابت
معنيٰ
وٿاڻ، وطن، پنھنجو ملڪ، جنم ڀونءِ، جنم ڀومي.
One’s native land.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ، سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- حَسَنُ ناھِ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نَہ ٻاھُون، ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون، يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ، ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون، چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ، پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو، گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- مُون ساڻيھُ سُڃَ ۾، وَڻَ وَطَنَ جا ڏُورِ، آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]