ساڻيھُ جي سنڌي معنيٰ
وٿاڻ، وطن، پنھنجو ملڪ، جنم ڀونءِ، جنم ڀومي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One’s native land.
ساڻيھُ جا بيتن ۾ حوالا
پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
حَسَنُ ناھِ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نَہ ٻاھُون،
ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون،
يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 9 ]
ساڻيھُ شَهزادَنِ جو، آھي آڳاھُون،
يَزِيدَ جُلاھُون، تيلان ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 9 ]
تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ،
ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 3 ]
آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري،
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ،
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 4 ]
سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو،
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
مُون ساڻيھُ سُڃَ ۾، وَڻَ وَطَنَ جا ڏُورِ،
آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 18 ]
آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 18 ]
ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ،
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ مان.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 19 ]
راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ،
ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ مان.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 19 ]
English Meaning
One’s native land.