Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر معذوري جَي ھاڙھو پنڌ جو بيت
ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان،
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون هاڙهي هلڻ جو پھ ڪيو آهي، تڏهن تہ جبل ۾ هيڏانھن هوڏانھن پيئي ڊوڙون پايان. اي سرتيون! آءٌ پنھنجي ڄام پنهونءَ جي پيار ڀري مرڪ کي ڪيئن بيان ڪري ٻڌايان. مان هن سهڻي سردار کي دل ۾ ياد ڪري، هن پھاڙ ۾ هردم پيئي تڙپان. مان پنھنجي پنهونءَ لاءِ جيستائين منھنجو وس آهي (سِسيءَ ۾ ساھ آهي) پيئي هلنديس، ڇو تہ ويھي رهڻ منھنجي وس ۾ ناهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
हलंदे हाड़हो मणी। छपर में छुलां।
पाबो॒ह पुनूह जा॒म जी। सरतियूं कीअं सलां।
सारिओ तंहिं सर्दार खे। अन्दरि रोह रुलां।
जा॒मनि डां॒हं जु॒लां। विहां तां न वसि पिओ।
ROMAN SINDHI
Halandi haarrho manni, chhapar'a mayn chhulaa'n,
PaaBooh'a Punooh'a jjaam'a ji, sarati'yoo'n kee'en salaa'n,
Saari'o tanhin sardaar'a khhay, andar'ay rooh'a rulaa'n,
Jjaaman'ay ddaanh'a jjulaa'n, wihaa'n taa'n na was'ay pi'o.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِي پيرَ…
- (بيت) وارو مُون وَڻاھُ، ڪا سُڌِ…
- (بيت) وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ…
- (بيت) وارو مُون وَڻِڪارِ، ڪا سُڌِ…
- (بيت) وَڌو ڪِينَ وَڻا، اُوچا ڏُونگَرَ…
- (بيت) ڀائِي حالَ ھَلِي وِئا، ڪَنھِن…
- (بيت) ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ…
- (بيت) ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي…
- (بيت) ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ…
- (بيت) کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ،…
- (بيت) ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي…
- (بيت) ھَلَندي ھاڙھو مَڻي، گَسَنِ تان…
- (بيت) ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا…
- (بيت) ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ…
- (بيت) ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ…
