روھَ بابت
معنيٰ
جَبَلَ، ٽَڪَرَ، ڇَپَرَ، ڪوهَ، پَھاڙَ، ڏونگَرَ، پربت، ٽوڙِها.
Mountain, hilly area. A bare containers country where there is no water or inhabitants. A desolate hilly country.

بيتن ۽ وائين ۾
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي، اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ، ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ، ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- رَنجَلَ پِئَڙَسِ رافَ، ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، رَڪَبَ کوڙِئو روھَ تي، ڪَري ڪاھُون مَٿي ڪافَ، آھيسَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِڪَ پِريان…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا، وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا، آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو، نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ، آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان، واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ، تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سين، ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان، دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين، اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا،…[ سُر مارئي - وايون ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]