ڇَپَرَ بابت
معنيٰ
ڇَٽ ڇانءَ لاءِ ڍَڪُ ڪکائين ڇِت. ڪَکائين مَنَھن جي ڇِتِ. سِرَن ۽ ورن سان ٻڌل لانڍي. ڍَڪُ، ڇانءَ. لِڪَ. آڌار، ڏَڍُ ”ڇپر ڇانء“. اک جو مٿيون پردو، پَلَڪُ، ڀڏرُ. جبل، ڏونگَر.
Shadow, shade, roof. An eyelid. Grass thatched on a frame and put up for roofing. Highlands, a range of hills.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون، وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون، مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون، اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ، ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان، پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان، سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي باسَ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، وَڻَنِ مُڪا واسَ، آيَلِ پُنِي آسَ، پُنهون آيو ڪيچَ مان.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين، وِئا ڇَپَرَ ۾ ڇورِي، جِهڄَڻُ ۽ جهورِي، سَسُئِيءَ سَرِواڻَنِ جو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ، ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ، اَچي تَنِ جِي سامَ،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ، لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ، ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڇَپَرَ ڇِنا پيرَ، ھَلِي ھَلِي ماءَ، ڪوھِيارِي جِي ڪا، ڳِنِهو ڀُڻان ڳالِهڙِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڇَپَرَ پيرَ ڇِنامِ، آئُون ڪَنھِن پَرِ ھَلان ڪيچَ ڏي، ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنامِ، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، دَردَ جا دُونھان، مُون مارِيندا موٽُ تُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ جُون ڇولُون، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون، ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِئو، اَڳي ٿِي سُئِي، اُنِهين سَندِي ڳالِهڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]