Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسا سَڀَ ڪَنھِين وَلَهِي، آسا…
- (بيت) اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ…
- (بيت) جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي،…
- (بيت) جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي،…
- (بيت) جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي…
- (بيت) روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي…
- (بيت) روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ…
- (بيت) سُڃاپي نَہ صُورَتَ ري، صُورَتَ…
- (بيت) سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ…
- (بيت) صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون…
- (بيت) عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي…
- (بيت) قَضا جِي ڪامَ ڪَرِ، وَقتَ…
- (بيت) لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ…
- (بيت) نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ…
- (بيت) نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي…
- (بيت) وَقتُ جو وَڃي، سو قَضا…
- (بيت) وَقتُ وِڃائي ويھُ، قَضا جِي…
- (بيت) وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا…
- (بيت) ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون…
- (بيت) پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽…
- (بيت) ڪِجي آسَ اللهَ جِي، پِيَ…
- (بيت) ھُئَڻُ تو حِجابُ، لَنگهِہ تَہ…
- (بيت) ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري،…
- (بيت) ”آئُون“ اورِيان جَهلِ تُون، ڇَڏِيَمِ…
- (بيت) ”آئُون“ سين اِنَ پارِ، ڪَڏِھِين…
- (بيت) ”تو“ کي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي،…
- سُر آسا جَي آئون، تُون، روزا نمازُون جو بيت
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ،
ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.
رسالن ۾ موجودگي: 60 سيڪڙو
سمجهاڻي
پرين جي ڳجهہ يا راز واري ڳالهہ (حقيقت) سراسر ڳجهہ ۽ راز آهي ۽ هميشه راز ۾ رهندي. (حقيقت تائين رسائي عقل ۽ فھم کان ٻاهر آهي). اي دل، تون اها ايتري ڳالهہ سمجهي وٺ (اهو راز ئي رهندو). وڌيڪ پاڻ کي نہ منجهاءِ (اجايا ڌُڪا نہ هڻ). متان ائين ڪرڻ سان پرينءَ کان (وڌيڪ) پري نہ ٿي وڃين. (مطلب تہ عقل واري ڳالهہ ۽ تلاش بدران عشق واري لڇ ۽ لوچ ۾ رهڻ گهرجي)
[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ سان مناسبت رکندڙ ڪيترا شعر آهن، مثلا هي شعر ڏسو:
زان نيآمد يک عبارت درجھان،
که نهانست و نهاست و نهان.
(دفتر چهارم، ب- 2968)
معنيٰ: هن دنيا ۾ ڪنھن بہ طريقي يا نموني سان هن جو بيان نٿو ڪري سگهجي، ڇو تہ هو ڳجهہ آهي، ڳجهہ ۽ ڳجهہ ئي رهندو.ٻنهي بيتن ۾ لفظ ’ڳجهہ‘ تي زور کي ڌيان ۾ رکو ]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3421
کَالِ پِرْيَا جٖيْ کُجَہ جِيْ کَالِ مِرِيَائِيْ کُجُہ﮶
هِيَرَا اُڄُہ مَٻُڄُہ تَہ پِرْيَنِئُوْ پِرٍ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
गा॒ल्हि पिर्यां जे गु॒झ जी। गा॒ल्हि मिड़ियाई गु॒झु।
हींअड़ा उझु म बु॒झु। त पिर्यनिऊं पिरीं थिएं॥
ROMAN SINDHI
Gaalh piryaan je guJh'a jee, gaalh mirriyaee guJh'u,
Heenarra uJh'u ma BuJh'u, ta pireenaon pireen thiyen.
TRANSLATIONS
All facts about the Beloved (the Infinite Being or the Reality) are much too mysterious to be elucidated easily or in detail. Hence O heart! go ahead, do not get involved in this discussion lest you may drift away from the Beloved.
ایں سبب فرمود ما را مصطفی،
بحث کم جوئید در ذات خدا
(Roomi)
Due to this reason the Prophet has directed us not to discuss the form of Allah
It is matter of beloved's mystery, and the matter is all mystery,
O my heart, don't get confused so that it may distance you from the beloved.
حدیث پردہءِ دلدار باشد پردہ در پردہ
ہمیں در پردہ می زیبد مکن تشویش اظہارش
تو سِرّ دوست را در خاطر اخفا کن چو خونی در رگ
عزیزت وارد آن چون تو امین گشتی بہ اسرارش
بات پیا کے بھید کی ہے، بھید ہے بات ساری،
آئے نہ پی سے دوری الھ نہ اب مان باتوں میں۔