Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان…
- (بيت) اوٺِي اَڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،…
- (بيت) اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ…
- (بيت) اوڳارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌا چَرَنِ…
- (بيت) اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان…
- (بيت) بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو…
- (بيت) جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،…
- (بيت) جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو…
- (بيت) دَوڪَ دَھلِئا جِتِ، گورا ھَلَنِ…
- (بيت) سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ…
- (بيت) صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي…
- (بيت) مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون…
- (بيت) مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون…
- (بيت) مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون…
- (بيت) مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون…
- (بيت) پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ…
- (بيت) پُڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ…
- (بيت) ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي…
- (بيت) ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن…
- (بيت) ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،…
- (بيت) گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي…
- (بيت) گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ…
- سُر ديسي جَي اوٺي اُٻھرا جو بيت
تانۡ مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جانۡ آرِياڻِي اَڳَ،
ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ،
ٻِئا پُڻ جَتَنِ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي منھنجون ڀينرون! (آءٌ توهان کي ٻڌايان ٿي تہ) تيستائين مون کي ڪو خوف خطرو ڪونهي جيستائين آرياڻي پاڻ منھنجو اڳواڻ آهي. (منھنجي دعا آهي تہ) شل ڪوهيارن جي اٺن جي وڳ کي ڪوسو واءُ نہ لڳي. هونئن تہ جڳ ۾ ٻيا بہ ڪيترائي جت آهن، پر منھنجي پريت صرف پنهونءَ سان آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 308
تَا مُنْ ڀٖيْنَرُ ڀَئِيْ نَاهِڪَا جَان اٰرِيَانِيْ اَکَہ﮶
ڪُوْسُوْ ڪُوْهِيَارَلَ جٖيْ وَاءُ مَلَکٖيْ وَکَہ﮶
ٻِئَا پُنْ جَتَنِ جَکَہ مُھْجِيْ پِرْتِ پُنُوْهَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तां मूं भेनरु भए नाहि का। जां आरियाणी अग॒।
कोसो कोहियारल जे। वाउ म लगे॒ वग॒।
बि॒आ पुणि जतनि जग॒। मुंहिंजी पिर्ति पुनूह सें।
ROMAN SINDHI
taa'n moo'n bhenar'u bha'ee naah'ay kaa, jaan aariyaanni agg'a,
Koso kohiyaaral'a jay, waa'u ma laggi wagg'a,
Bi'aa punn'ay jatan'ay jagg'a, munhinji pirt'ay Punooh'a see'n.