Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ليلا جَي ليلا ليلائيج جو بيت
ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي،
ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ،
لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون پَرَ کي داسَڙو.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
متان ڪا زال پنھنجا وار ڪارا ڪري (هار سينگار ڪري) ۽ اجايو گمان ڪري تہ آءٌ ڪا شيءِ آهيان. بلڪہ اهو سڄڻ سائين انهن کي ٿو پڇي ۽ نوازي جيڪي ويس وڳن ۽ ڳھن ڳٽن کان محروم آهن. هو اهي ڳاڙها ۽ چمڪندڙ لباس ڪونہ ٿو ڏسي، بلڪ هو تہ دلين جو امتحان ٿو ڪري (تہ هنن کي ساڻن ڪيتري محبت آهي)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ليلا چنيسر، بيت نمبر : 2341
ڪَارَا ڪَرٖيْ ڪٖيْسَ مَتَا ڪَا مُنڌَ حِرْصٖيْ﮶
ڪَاندَ تَنٍ جُوْ ڪُوْڎِيُوْ جٖيْ وَتَنِ وِلٖيْ وٖيْسِ﮶
لَالَنُ ڎِسٖيْ نَہ لِبٖيْسُ دِلِيٌ پَرَکٖيْ دَاسَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कारा करे कैस। मतां का मुंध हिर्से।
कांधु तनी जो कोडि॒यो। जे वतनि विलिहे वैसि।
लालणु डि॒से न लिबेस। दिलियूं पर खे दासड़ो॥
ROMAN SINDHI
Kaara karey kes's maTaan kaa mund'a hirsey,
Kand'u tineiy jo kodeiyo, jay wataan wal'hey wess'a,
Laalan disey naa less dilyon par'r khey dasro.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلا ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون…
- (بيت) اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ…
- (بيت) توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ…
- (بيت) توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين…
- (بيت) جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ…
- (بيت) جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي،…
- (بيت) جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ…
- (بيت) جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ…
- (بيت) جَڏھِن جَرُ ھارئو ٿي جَکِري،…
- (بيت) ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ…
- (بيت) سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ…
- (بيت) سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو…
- (بيت) سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو،…
- (بيت) عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون…
- (بيت) لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين…
- (بيت) لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون…
- (بيت) نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ…
- (بيت) پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو…
- (بيت) ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ…
- (بيت) چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ…
- (بيت) ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن…
- (بيت) ڏاھِي ھُيَسِ ڏيھَ ۾، سَرَتِيُنِ…
- (بيت) ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ…
- (بيت) ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ…
