Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَلا ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون…
- (بيت) اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ…
- (بيت) توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ…
- (بيت) توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين…
- (بيت) جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ…
- (بيت) جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي،…
- (بيت) جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ…
- (بيت) جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ…
- (بيت) جَڏھِن جَرُ ھارئو ٿي جَکِري،…
- (بيت) ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ…
- (بيت) سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ…
- (بيت) سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو…
- (بيت) سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو،…
- (بيت) لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين…
- (بيت) لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون…
- (بيت) نَہ ڪِي ٻانھَڙِيُنِ ۾، نَہ…
- (بيت) پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو…
- (بيت) ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ…
- (بيت) چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ…
- (بيت) ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن…
- (بيت) ڏاھِي ھُيَسِ ڏيھَ ۾، سَرَتِيُنِ…
- (بيت) ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا…
- (بيت) ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ…
- (بيت) ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سانجِهيءَ…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي…
- (بيت) ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ليلا جَي ليلا ليلائيج جو بيت
عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي،
اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين،
اَوَڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 33 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجيون خطائون ۽ مدايون مون کي پنھنجي پرينءَ کي پرچائڻ ۾ رڪاوٽ آهن. (اهي وڏي رنڊڪ ۽ روڪ آهن) جيتوڻيڪ اُهي هروقت منھنجي اکين آڏو آهن (هو مون کان پري ناهي). اي منھنجا پرين، منھنجا اهي ڏوھ هڪ پاسي ٿين (تون معاف ڪرين) تہ آءٌ ڪنھن چڱي حال ۾ ٿيان (مون کي تنھنجو ڪو آسرو ٿئي)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ليلا چنيسر، بيت نمبر : 2306
عَيْبَ نَہ اَچَنُ ڎِيْنِ مُنْـکٖيْ مُنْ پِرْيَنـِڎٖيْ﮶
اَکِئَا اَکِنِ سَامُهَا اُڀَائِيْ آَهِيْنِ﮶
اَوَکُنَ پَاسٖيْ ٿِيْنِ تَڊُوْلَا ڪِهْ ڊَنکِّہ ٿِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ऐब न अचणु डी॒नि। मूं खे मूं पिर्यनि डे॒।
अगि॒आं अखियुनि सामुहां। उभाई आहीं।
अवगु॒ण पासे थीनि। त ढोला किंहिं ढंगि थिआं॥
ROMAN SINDHI
Aeyb naa achan'n deain', moon khey moon preen dey,
AGiaan akhein'u saamhaan, upaaey aahein,
AoGan pasey theein, taa dol'la kehan dhang'u theiyaan.