داسَڙو بابت
معنيٰ
ليلا پاران پنھنجي ور چنيسر لاءِ خاص نالو. (شاھ جي رسالي ۾ منسوب ڪيل چنيسر لاءِ) گر.
Love name for Chanesar by Leela his wife. Only used in Shah Jo Risalo.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو، گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ، دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ، ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ، تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ، ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو، پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ، سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ حِرصي، ڪانڌُ تَنِي جو ڪوڏِيو، جَي وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لالَڻُ ڏِسي نَہ لِبيسَ، دِلِيُون…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو، تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي، ھِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سَگهان ڪو نَہ سَھِي، مُون کان تان پَئِي، تُون کَمين…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نِئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]