داسَڙو جي سنڌي معنيٰ
ليلا پاران پنھنجي ور چنيسر لاءِ خاص نالو. (شاھ جي رسالي ۾ منسوب ڪيل چنيسر لاءِ) گر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love name for Chanesar by Leela his wife. Only used in Shah Jo Risalo.
داسَڙو جا بيتن ۾ حوالا
ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو،
گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 25 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]

ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ،
سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئاسِ،
ڪُوَڻَتِ ھارَ ڪِئاسِ، ٿي چَرِي چَنيسَرَ ڄام ري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 5 ]

توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا،
توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ،
ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 25 ]

جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو،
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]

ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي،
ھِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سَگهان ڪو نَہ سَھِي،
مُون کان تان پَئِي، تُون کَمين نَہ کانڌيلا سُپِرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 14 ]

سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ،
ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ،
مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 24 ]

ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو،
ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو،
ھِرِکي ويئِيين ھارَ تي، تو ڪِيئَن راجا رُسايو،
دانا ھو داسَڙو، تو ڪِيئَن ھِيڻو ھُلايو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، مَولا مُحِبُ مِلايو.
[ سُر ليلا، وايون، 4 ]

ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي،
توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي، سَھِسين ڀَتين سِينگارُ،
وَھمَ لَھي وينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 20 ]