Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَھَرِ…
- (بيت) بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون…
- (بيت) بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو…
- (بيت) بَرَ وُٺا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ…
- (بيت) حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا…
- (بيت) موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين…
- (بيت) موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين…
- (بيت) موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين…
- (بيت) موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين…
- (بيت) ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا…
- (بيت) ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن…
- (بيت) ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻين…
- (بيت) ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي ڌرتي ڍُري جو بيت
ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 20 سيڪڙو
سمجهاڻي
وِڄون ڪيترائي ويس ورن ڪري ”ڍٽ“ مٿان وسيون ۽ پوءِ پٽن ۽ ميدانن کي اچي سيراب ڪيائون. (مولا جي مھر سان) ايڏو مينھن پيو جو هرهنڌ سڀ ٽوڀا ۽ ترايون صفا ڀرجي ويا. قادر ڪريم جي خاص مهربانيءَ سان سڪا ٺوٺ پوٺا ۽ ميدان مينھن وسڻ سان ساوا ٿي پيا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ढटि ढुरी पटि पेयूं। विजूं॒ वैस करे।
मींहं वसी मुलिक जा। छडि॒आ तल भरे।
क़ादिर करमु करे। सुका पट सावा किआ।
ROMAN SINDHI
Datt dareh patt peiyow, wichoon wehs kare,
meihun wasehye mulk ja, chadea til bhare,
Qadar karam kare, sukaah patah sawa ke.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا