پَتِ بابت
معنيٰ
اعتبار، ڀروسو، ويساھُ، يقين. ساکَ، سَچائي. آبرو، عزت، مانُ.
Good name, honor, character, honesty, credit, trustworthiness, probity, respectability, trust, confidence.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ، آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري، مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري، مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري، قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ، صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَتِ، پاري پَنھِنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ، اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ، ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ، فِراقِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اَکِيُنِ سوئِي اورَکِئو، جو ڪَنين سُئُمِ قَرَنُ، ماءُ مُنھِنجو مَنُ، ڄامَ پَسَندي پَتِئو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين، اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ، اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ ڪَنھِن آڇِيَئِي گَتِ، وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ، مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي، تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ، جِھَڙا کَنيَئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ، ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ، مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻِهين ڪِي، اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ، نَہ ڪا ڳالِهہ نَہ ڳَتِ، جِيءَ ڏِني…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ، شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ، سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- حَقاڻُو ھُتِ ٿِئو، ھِيءَ ھِتِ بَندِياڻِي، ساري ساڏويُنِ کي، ڪوٺِيَنِ ڪُوماڻِي، لِڱين لوھَ لَطِيفُ چئَي، ويٺِيَسِ وِساڻِي، مُنڌَ مارُوءَ جي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رَھَنِ سَٻَرَ سَتِ، کَٿِيءَ ۾ کيھَ ڀَڪُلِئا، ڀُڻَنِ اِھَڙِيءَ ڀَتِ، پَنوھارَڪِي پَتِ، پيھِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ٿَرَنِ ٿيلِهِيِ نَہ مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِهِينِ، پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ، اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]