پَتِ جي سنڌي معنيٰ
اعتبار، ڀروسو، ويساھُ، يقين. ساکَ، سَچائي. آبرو، عزت، مانُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good name, honor, character, honesty, credit, trustworthiness, probity, respectability, trust, confidence.
پَتِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي،
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
جَي مُون مُوڙِھِي مَتِ، تَہ پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين،
اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ،
اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن وِلِهيُون ڍَڪِيين وَلَها.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 3 ]
اَصلِ اَوايُنِ جا، عَيبَ ڍَڪِين تُون اَتِ،
اِيءَ پِرِين تُنھِنجِي پَتِ، جِيئَن وِلِهيُون ڍَڪِيين وَلَها.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 3 ]
ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ ڪَنھِن آڇِيَئِي گَتِ،
وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ،
مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون ڪيتِريون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 5 ]
وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ،
مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون ڪيتِريون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 5 ]
سي ڪاپائِتِيُون ڪِيئَن، ھارُ جَنِي جي ھَٿِ،
ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ،
مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 24 ]
ڏِنِيَئِي نَہ ڏُوڻَ ڏُجاڻِيين، پِشيمانِيءَ جِي پَتِ،
مُٺِي مُوڙِھِيَئِي مَتِ، جِيئَن دوسِتُ وِڃايُئِي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 24 ]
جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]
ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رَھَنِ سَٻَرَ سَتِ،
کَٿِيءَ ۾ کيھَ ڀَڪُلِئا، ڀُڻَنِ اِھَڙِيءَ ڀَتِ،
پَنوھارَڪِي پَتِ، پيھِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 24 ]
کَٿِيءَ ۾ کيھَ ڀَڪُلِئا، ڀُڻَنِ اِھَڙِيءَ ڀَتِ،
پَنوھارَڪِي پَتِ، پيھِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 24 ]
ٿَرَنِ ٿيلِهِيِ نَہ مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِهِينِ،
پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ،
اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ، سي ڏوٿِي ڏولائي پِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 10 ]
پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ،
اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ، سي ڏوٿِي ڏولائي پِئا.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 10 ]
ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَتِ،
پاري پَنھِنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 27 ]
پاري پَنھِنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 27 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
مِينھَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 12 ]
ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان،
نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري،
مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 25 ]