پَتَنگُ جي سنڌي معنيٰ
پوپٽ، پروانو (باھ تي عاشق ھڪ اڏامندڙ جيت)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A moth
پَتَنگُ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، اَچِي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَچَڻَ گَهڻا پَچائِيا، تُون پَچَڻَ کي پَچاءِ،
واقُفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 2 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
سَھائي سُپَيرِيَن جي، گِهڙُ تَہ ٿِئَين گهوٽُ،
اَڃا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 4 ]
حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]