Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) مُون کي جَنِي مارِئو، آن…
- (بيت) مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو ڪِي ڇانئِين…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ،…
- (بيت) ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون…
- (بيت) ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪوھياري جَي لاچارگي ۽ ساھس جو بيت
مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي،
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي ٻڌائي) مون اُنهن کي سڃاڻي ورتو آهي جن مون کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. مون کي هوت پنهونءَ ئي پنھنجن ٻنهي اکين جا تير ڏاڍي زور سان هڻي ڪڍيا آهن، جيڪي ٻٽا ٻٽا (ٻہ ٻہ دفعا) ٿي لڳا آهن. هاڻي منھنجي حالت علاج ڪندڙ طبيبن حڪيمن جي وس کان ٻاهر آهي. فقط سڄڻ هٿ ئي شفا وڃي رهي آهي، (هُو ئي منھنجو علاج ڪري شفاياب ڪري سگهي ٿو.)
[مثنوي روميءَ ۾ عشق جي ان تصور کي گهڻو اجاگر ڪيو ويو آهي، جڏهن هو چوي ٿو تہ اهو ساڳيو محبوب ئي آهي جيڪو ماري بہ ٿو تہ وري جياري بہ ٿو. انهيءَ ڪري دنيا جا ظاهري طبيب نہ بلڪہ عشق ئي آخري دوا آهي جنھن سان عشق جي بيمار کي شفا ملي ٿي. روميءَ جي نظر ۾ عشق ئي جالينوس طبيب آهي، بلڪہ ان کان بہ وڌيڪ.:
شاد باش اي عشق خوش سوداي ما،
اي طبيب جمله علت هائي ما.
(دفتر اول، ب-27)
معنيٰ: شل خوش رهين اي منھنجي چريائيءَ جا عشق، تون ئي منھنجي سڀني بيمارين جو طبيب بلڪہ حاذق حڪيم آهين.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 644
مُنْـکٖيْ جَنِ مَارِئُوْ سُڃَاتَمِ سٖيْئِيْ﮶
پُنُوْہَ پَيْڪَانَ پَڇَڊِئَا ٻِلَنِ تَا ٻٖيْئِيْ﮶
وٖيْڃَنِئُوْ وٖيْئِيْ ٿِيْ وَهِيْنِيْ سَڃَن﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं खे जनी मारिओ। सुञातमि सेई।
पुनुहूंअ पेकां पछंडिआ। बि॒लनि तां बे॒ई।
वेज॒नऊं वेई। थी वहीणी सज॒णें।
ROMAN SINDHI
moo'n khhay jani maari'o, sunjaatam'ay se'ee,
Punhoon'a pekaan'a pachhanDi'aa, Bilan'ay taa'n Be'ee,
wejjana'oo'n we'ee, thi waheenni sajjann'en.
TRANSLATIONS
I have, ofcourse, recognised him who has afflicted me. In fact I know that Punhoo had shot at me numerous arrows from both of his eyes. Now this victim of his cannot be treated by any physician. Only the beloved can treat her.
He who has inflicted wounds on me, I now perceive,
From His two eyes Punhoon shot darts at me,
Now beyond physician cure, she in his care lies.
I recognized those, who had nearly killed me,
Punhoon shot me arrows from both his eyes,
Now it is beyond physicians, beloved is her only recourse.
الذين هلكوني! لقد عرفتهم.
لقد رماني بنهون بسهام من مقلتيه هي صارت الآن فوق معالجة الطبيب وصارت تحت تصرف الحبيب وهو يقدر أن يداويها فقط.
چنگی طراں پچھانا، اوسنوں، جس نے مار مکائی
پنوں دے دو نیناں رل کے، ایسی انگ چلائی
وید حکیماں توں گل لنگھی، روگ اولا لگا
جن نے مجھ کو مارا اُس کی، رکھتی ہوں پہچان،
نینوں سے یوں تیر چلائے، تن من لہولہان،
تیرے بس میں جان، تجھ بِن کوئی نہ درماں۔