Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر ڪوھياري جَي لاچارگي ۽ ساھس جو بيت
پَرتَوو پُنهونءَ جو، سَھائِي سِياھُ،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگا رَنگِي راھُ،
پھرِين ڏِيندا پاھُ، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
هوت پنهونءَ جو جلوو ڪاري رات اونداهيءَ ۾ سوجهرو آهي. مون کي جيڏانھن ڪيڏانھن سامهون اُهو گهڻن رنگن وارو منظر نظر آيو، محبوبن جي عاشقن سان اها روش هوندي آهي تہ پهرين هو تڪليف ڏيندا آهن (ماڻا ۽ ناز نخرا ڪندا آهن، ۽ آخر ۾ پنھنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن. پنھنجي عاشق کي محبت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيندا آهن (اهو سمان عاشقن سان محبوبن جي ان رنگين روش جو جهلڪو آهي جنھن ۾ ڪاري باھ ۽ ڳاڙهي رنگ جي آميزش هوندي آهي. هو عاشقن کي پھريائين پاهيندا (ڇليندا) ۽ پوءِ رڱيندا (ملم رکندا) آهن (ن-ب).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 426
پَرْتَوُوْ پُنُوْهَجُوْ سَهَائِيْ سِيَاہُ﮶
مُهْڎٖيْئِيْ مُنْ اٰئِيُوْ رَنکَّا رَنکِّيْ رَاہُ﮶
پِهْرٍ ڎِيْدَا پَاہُ پُوْءِ رَنکِيْدَا رَنکَّم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
परितोव पुनुहूंअ जो। सहाई सियाहु।
मुंहुं डे॒ई मूं आयो। रंगा रंगी राहु।
पिह्रीं डीं॒दा पाहु। पोइ रङींदा रंङ में।
ROMAN SINDHI
parta'woo'o Punhoon'a jo, sahaa'ee siyaah'u,
munhu'n dde'ee moo'n aayo, rangaa rangi raah'u,
pahree'n ddeenda paah'u, po'ay rangeendaa rang'a mayn.
TRANSLATIONS
Punhoo manifests himself sometimes through darkness (i.e. disfavour) and sometimes through light (i.e. favour). To me he came directly in multicoloured way. Usually his policy is first to apply caustic soda (to a clothe) and then to dye it, (i.e. first to cause distress to cleanse and purify, and then to follow it up with a marked favour.)
And We will test you with somewhat of feat (of enemy), and of starvation and of loss of property and lives and of fruits; and convey glad tidings to the patients. (155, AI-Baqarah).
Punhoon's manifestation is sometime bright and sometimes dark,
I am faced with this variegated path,
First with caustic salts I will be bleached, then dyed red.
The reflection of Punhoon is something bright, sometime dark,
I have come now to this variegated way,
First they will apply caustic soda and then dye me.
فى عكس بنهون أحيانا نور القمر وأحيانا ظلام ودجى هذا بطريق المتنوع قاومني وقابلني أولا يضعونني فى المادة الحامضة أي ينظمونني من الأوساخ بعد ذلك يصبغونني بصبغة الإله ويحمرونني.
دو پکھ پنوں دے میں دیکھے چانن اتے ہنیرا
راہ بہہ پاٹن میرے اگے سِدھا کیہڑا تیرا
دھوئی نکھارے پہلوں کپڑا، رنگدا پھیر للاری
پرتو یار پنہل کا، جلے بجھے ہر گاہ،
پھیل گئی نظروں کے آگے، رنگا رنگی راہ،
چڑہے گا رنگ اتھاہ، پہلے زنگ اُتاریں گے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) مُون کي جَنِي مارِئو، آن…
- (بيت) مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ…
- (بيت) مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو ڪِي ڇانئِين…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن…
- (بيت) پَرتَوو پُنهونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،…
- (بيت) ڳائو نَہ وائو ، اَدِيُون…
- (بيت) ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
- (بيت) ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو،…
