Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾،…
- (بيت) جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا…
- (بيت) جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان…
- (بيت) جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان…
- (بيت) جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي…
- (بيت) جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا…
- (بيت) جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ…
- (بيت) جَتَنِ سان جانڪُون، ٿانڪُون مُون…
- (بيت) جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ…
- (بيت) جَتَنِ وِڌِيَسِ جارَ، نَہ تَہ…
- (بيت) جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين…
- (بيت) جَي ڄاڻان جَتَنِ، تَہ پوءِ…
- (بيت) ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا،…
- (بيت) ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پاتائُون پَلاڻَ،…
- (بيت) ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ…
- (بيت) نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ…
- سُر ديسي جَي جَت نہ مِٽَ جو بيت
جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون،
پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون،
مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون اَصِيلَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي سرتيون! مون تي هوت پنهونءَ وارن جا وڏا ٿورا ۽ گهڻيون ئي ڀلايون آهن. انهيءَ ڪري ڇا بہ هجي، مون سان ڇا بہ ٿئي، پر پنھنجي پنهونءَ سان واسطو ختم نہ ڪنديس. (توهان کي اندازو ناهي) مون ڪمذات کي هن اصلي آري ڄام ۾ ڪيڏيون وڏيون اُميدون ۽ آسرا آهن!
[رومي پڻ هيئن چوي ٿو:
خاطر مجرم زما ترسان شود،
ليک صد اُميد در ترسش بود.
(دفتر سوم، ب-4381)
معنيٰ: عشق جي ماريل جي دل ڪيترن وسوسن ۾ مبتلا آهي، پر ساڳئي وقت انهيءَ خوف ۽ ڊڄڻ ڪري سندس دل ۾ سوين اميدون بہ آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 669
جَتَنِ جَا جٖيْڎِيٌ هُئَرَمِ سُکَہ سَرَتِيٌ﮶
پٖيْرُ نَڇَڎِيَان پِرْيَجُوْ جٖيْ هُوْةُ ڪَرٖيْ هٖيڎِيٌ﮶
مُنْ ڪَمِيْنِيَ ڪٖيْڎِيٌ آَهِيْنِ اُمَيْدٌ اَصِيْـلَ س﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जतनि जा जेडि॒यूं। हुअड़मि सुख सरतियूं।
पेरु न छडि॒यां पिरींअ जो। जे होतु करे हेडि॒यूं।
मूं कमीणीअ केडि॒यूं। आहीनि उमेदूं असील सें।
ROMAN SINDHI
Jatan'ay jaa jeddiyoo'n, hu'arram'ay sukhh'a saratiyoo'n,
Per'u na chhaddiyaa'n pireen'a jo, jay hot'u karay heddiyoo'n,
Moo'n kameenni'a keddiyoo'n, aaheen'ay umeedoo'n aseel'a see'n.