اُمِيدُون بابت
معنيٰ
آسُون، آرزو، تمنائُون. توقعون. آسرا، ڀَروسا.
Hopes, expectations, prospects.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِي ڪارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِئا، پُنِيَمِ اُمِيدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾، سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون، آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون، گهَرِ…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾، اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ، تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- اللهَ کَرَ جِيَنِ، جٖي پاڙي رَھَنِ پِرِينءَ جي، پُنِيُون مانَ پَسَنِ، اُمِيدُون سين سَڄَڻين.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]