Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيھُسِ ڪونَہ جَھانَ ۾، سِنڌُ…
- (بيت) جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي…
- (بيت) جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ…
- (بيت) جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، سي…
- (بيت) جَکِرا تُون جِيَين، تُنھِنجو ڪَنين…
- (بيت) جَکِرا جِيين شالَ، تُنھِنجو ڪَنين…
- (بيت) جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا…
- (بيت) جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ…
- (بيت) جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي…
- (بيت) جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي…
- (بيت) جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ…
- (بيت) جَکِري جِھو، ڏِسان ڪونَہ ڏيھَنِ…
- (بيت) جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ…
- (بيت) جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ…
- (بيت) سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ…
- (بيت) سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو،…
- (بيت) پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ،…
- (بيت) ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،…
- (بيت) ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَنھِن…
- (بيت) ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو…
- (بيت) ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو…
- (بيت) ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي…
- (بيت) ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو…
- (بيت) ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر بلاول جَي جکرو جوان جو بيت
جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ،
جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ،
نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ کُھيَنِ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سخي سردار!) جيڪڏهن تون پاڻ پيالو پياريندڙ آهين، تہ پوءِ وارو نہ ڀڃ (هڪ ڀيرو ڏيئي، ٻيو ڀيرو رَهائي نہ ڇڏ) اي جکرا! تنھنجي سخاوت سج جي مثال آهي (جيڪو هر ڪنھن کي جتي ڪٿي ٿو روشني ڏئي). تون خالص محبت جو جام هنن ڏُتڙيلن ۽ هيڻن کي پيو پيار.
[هن سلسلي ۾ روميءَ جو انداز بيان ڪجهہ هن ريت آهي:
ما اگر فلاش وگر ديوانہ ايم،
مست آن سامي و آن، پيمانہ ايم.
(دفتر دوم، ب-2571)
معنيٰ: اسان سڀ ڀلي مفلس هجون يا چريا پر ان ساقي ۽ پيالي جا مست آهيون.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3599
جَا تُنْ سَاقِيْ آَهِي﮼ تَوَٽِيَ وِجُہ مَوِچُ﮶
جُوْدُ تُھْجُوْ جَکِرَا اَثَانِيْ آَهٖيْ سِڃُہ﮶
نِيْهَ پِيَالُوْ نِجُہ خَالِصُ ڎٖيْجِہ کُھْيَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां तूं साक़ी आहियें। त वटीअ विचु म विझु।
जूदु तुंहिंजो जखरा। सानी आहे सिजु।
नींहं पियालो निजु। ख़ालिसु डे॒जि खुह्यनि खे।
ROMAN SINDHI
Jaan toon saaQee Aaheen, ta wattee'a wich'u ma wiJh'u,
Jood'u tuhinjo jakhara, Saanee Aahe sij'u,
Neenhan piyalo nij'u, Khalis'u Dej khuhiyan khe.