وَٽِيءَ بابت
معنيٰ
ٽامي يا ڪنجهي مان ٺھيل ننڍي ٿانو جو هڪ قسم، پيالي، تاسري، ڪٽوري، ننڍو وٽو.
A small kind of metal bowl.

بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو، قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو، اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ، جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ، نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ، پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ، ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]