وَٽِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ٽامي يا ڪنجهي مان ٺھيل ننڍي ٿانو جو هڪ قسم، پيالي، تاسري، ڪٽوري، ننڍو وٽو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A small kind of metal bowl.
وَٽِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ،
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ،
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
جانۡ تُون ساقِي آھِين، تَہ وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجُهہ،
جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ،
نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ کُھيَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 15 ]
جُودُ تُنھِنجو جَکِرا، ثانِي آھي سِجُ،
نِينھَن پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏيجِ کُھيَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 15 ]
English Meaning
A small kind of metal bowl.