سَدا بابت
معنيٰ
سدائين، مدام، نِتُ، هر وقت، ٻاروهي، دائم.
Eternal, every time, all the times
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي، جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي، اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ، اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُ دُکاڻُ، پَئِج پيشِ پِرِيَنِ جي، پِٽي وِجِهي پاڻُ، تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدا ھُئين سُرخُرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- نَڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳاري، سارِئو سانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھاري، مَيي ويچاري، سُورُ سَدائِين پَنڌَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ جِي، آيَلِ اُھائِي، مُون کي ماري ڳالَهَڙيِ.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو، ڪو ڏيھُ چِتايو، اُونِهي وَڃَنِ اوھرِي[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو، سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ، وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن، لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ، آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اللهَ سَڀَ مَچَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، وَڇُون جٖي ڪِيرَنِ تي، سَدا ٿِيُون سُونھَنِ، مُون کي ماڻِڪِنِ، تاڻي ھَنيو تارِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين، جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ، پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي پِيتِي پِڪَ، اَپَرِ اَڳانجهو ٿِئو، سُورُ اُنِهيِين کي سِڪَ، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَنِ ھِڪَ، سَدا سائِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ، پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ، تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ، مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ، شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، پاڻُ مٿانئِي گهورِيان، تو ۾ رِھاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- روئِي لاٿو مُون، جان جان ڏُکُ نَہ ھو ڏُونگَرين، وِئو ٻاروچو نِڪرِي، اللهَ آھِين تُون، ڪَھان تان ڪيچان پَري، وِھان…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ، سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ، سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ، سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ، تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ، واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ، سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي، ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ، جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين، اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ، اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي، واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺو جاءِ، تَهِين سَندي ساءِ، سَدا ڀُڻُون سَنِرا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ، سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ، تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ، جَزَآؤُهُمْ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ، اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ، لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ، اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ، اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ، جَنھِن جِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڦِران ڦيريندارُ، سَدا شوقَ پِرِيَنِ جي، مانَ سَڃِينِهُون يارُ، اَڳِيان اَکڙِيُون کَڻِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ، نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي…[ سُر پورب - وايون ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، نِسورو نَرَڳُ، گَندا گُلابِي ڪَري، سَيِّدَ جو سَرَڳُ، عَطرَ سين اورَڳُ، تَہ ھُئِين سَدائِين سُرخِرُو.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ٽاٽوڪِينِ پَلاڻَ، سَدا ھَڻَنِ کَرکَرا، لاکي لوڙائُن جا، اِھَڙائِي اُھڃاڻَ، تَنگَنِ ڏيئِي تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇَڙي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا، مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون، جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ، سَنئُون وَرائي سُپِرِين، جَي مُنھُن مان ڏُونھِن ڪَنِ، رَڳُون سَڀَ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]
- سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين، ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا…[ سُر آسا - وايون ]
- سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو، وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- بَندِي ٻِئا قَراَرِ، اَسِين لوچُون لوھَ ۾، مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، سَدا مَنجِهہ سَرِيرَ، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، ويٺِي پُوڄِئان پِيرَ، مانَ مِلَنِمِ ڪِڏِهِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين، عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي، مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ، چُونڊِئو آڻي چاڙِهيُون، سَندو ڏَؤُنرَنِ ڏارُ، جَنِ جو ويڙِهيُنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھُونِ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو، سَدا اَٿِم سُورُ، سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ، سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- جَنِ جا ٿاڪَ ٿَرَنِ ۾، سَدائِين آهِينِ، خاصا کَٿا اُنِ کي، ڌَٻَرَ اُو ڌارِيَنِ، ڳالِهڙِيُون ڳارِينِ، سِتَمَ جِھَڙِيُون سُومَرا.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَدا، اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اِيندا، مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيندا،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ، اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ، لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ، سَدائِين،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ، اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو، ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿون جي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري، سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ، واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]