Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي…
- (وائِي) تان تُون ويھُ سَنبَھِي، ساٿِي…
- (وائِي) تُون تان سَنبَھُ سَوارو، ڪاڪِ…
- (وائِي) رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا…
- (وائِي) سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون…
- (وائِي) مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ…
- (وائِي) مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ…
- (وائِي) نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا،…
- (وائِي) ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا…
- سُر راڻو جَي وايون جي وائِي
جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ،
مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري،
ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ،
کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا چاڪَ چِڪَنِ.
رسالن ۾ موجودگي: 5 سيڪڙو
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जीउ जियारिओ जनि। सज॒ण मां न अचनि।
मुंहिंजो पर डे॒ही राणू का वारे।
हींअड़ा थीउ म कांहिलो। सदा सांग पवनि।
खाणियूं लोठियूं अखियूं। मुठियूं माठि न कनि।
अदियूं अब्दुल्लतीफ़ चए। मर था चाक चिकनि।
ROMAN SINDHI
ji'u jiyaari'o jan'ay, sajjann'a maan'a achan'ay,
munhinjo paraddehi Raanno kaa waari,
heen'arraa thi'u ma kaanhilo, sadaa saang'a pawan'ay,
khhaanniyoo'n lothhiyoo'n akhhiyoo'n, muthhiyoo'n maathh'ay na kan'ay,
adiyoo'n Abdul'Lateef'u chae, mar'u thaa chaak'a chikan'ay.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)