Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو…
- (بيت) اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون…
- (بيت) اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ…
- (بيت) اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي…
- (بيت) جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ…
- (بيت) جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران…
- (بيت) روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو…
- (بيت) لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو…
- (بيت) لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ…
- (بيت) مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون…
- (بيت) وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي…
- (بيت) پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،…
- (بيت) ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ…
- (بيت) ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي آگمجڻ جو بيت
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين،
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُڀ ۾ اتر طرف اڄ به مولا سائين ڪڪرن جي ڪارونڀار ڪئي آهي ۽ رسول پاڪ (ﷺ ) جي روضي ۽ ان جي ڀرپاسن کي باران رحمت سان پوريءَ ريت ڀري ڇڏيائين. بيشڪ مالڪ سائين هن سڄي عالم ۽ جھان کي خوشيءَ ڏيندڙ پاڻيءَ سان نوازي ڇڏيو آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1796
اُڃُہ پُنْ اُتَرَ پَارَ ڎٖيْ ڪَڪَرُ ڪِئَاءٍ﮶
رُوْضُوْ پَاڪَ رَسُوْلَجُوْ رِيْـجِيْ رَايَاءٍ﮶
آَنٖيْ ڎِنَاءٍ عَالَمَ آَبُ اَکُندِرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
अजु॒ उतर पार डे॒। ककर किआईं।
रोज़ो पाक रसूलसलम जो। रीझी रांयाईं।
आणे डि॒नाईं। आलम आबु अगूंदिरो।
ROMAN SINDHI
Aj pinh utar paar de, kakar kuthyain,
Rozo paak Rasool jo, rehjhi ranyain,
Aane dinyain, Aalam Aab agondhar.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا