Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو…
- (بيت) اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون…
- (بيت) اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ…
- (بيت) اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي…
- (بيت) جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ…
- (بيت) جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران…
- (بيت) روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو…
- (بيت) لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو…
- (بيت) لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ…
- (بيت) مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون…
- (بيت) وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي…
- (بيت) پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،…
- (بيت) ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سارنگ جَي آگمجڻ جو بيت
ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اڄ پڻ اتر جي طرف آسمان ۾ بلڪل ڪارا (ڀنؤر جھڙا ڪارا) ڪڪر ڇانيل آهن. کنوڻيون سرخ ڳاڙها (لال ڪنوار جھڙا) ويس وڳا پائي مينھن وسائڻ لاءِ تيار ٿي آيون آهن. منھنجا پيارا پرين جيڪي پرديس ۾ هئا، برسات جي اهڙي رُت ۾ اچي مون کي مليا آهن. (اها سهڻي موسم ئي کين مون وٽ وٺي آئي آهي)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1792
ڪَارَا ڪَڪَرَ ڪٖيْسَ اَڃُ پَنْ اُتَرَ پَارَ ڎٖيْ﮶
وِڃٌ وَسَنَ اٰئِيٌ ڪَرٖيْ لَالَ لِبٖيْسَ﮶
پِرٍ جٖيْ پَرَدٖيْسِ مُنْـکٖيْ مِيھَنِ مٖيْرِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कारा ककर केस। अजु॒ पणि उतर पार डे॒।
विजूं॒ वसण आयूं। करे लाल लिबेस।
पिरीं जे परदेसि। मूं खे मींहं मेड़आ।
ROMAN SINDHI
Kaara kakar'r case, aj paan utar paar dey,
Wijhon wasaan ahyon, karey laal less,
Pireen je pardes, muhan khey meihn merhyaa.
TRANSLATIONS
Today too the jet-black clouds have gathered on the northern horizon. The lightning flashing red is amidst them, heralding rain.My friend who lives in a remote place, has been joined to me due to rain, i.e. my love has been so much intensified that I feel that my beloved has almostly joined me.
Note: This may also refer to the Meccan immigrants at Madina rejoining their relatives and friends at Mecca after its conquest.
Today too, like dark hair, rain bearing clouds appear,
Lightening flashes to rain wearing red gear,
Rain brought memories, uniting me with my love.
Today too the clouds like black hair (of a damsel) are
spread towards north,
the lighting with red apparel id heralding rain,
My beloved was away, rain has brought him back.
اليوم أيضاّ فى جهة الشمالية مثل شعر أسود- سحائب سوداء- موجودة.
لبست الأبراق ثيابا حمرآء.
تلمع فى السماء لقد وصلتني الأمطار مع أحبائي فى بلاد غريبة وبعيدة.
اج وی اتر پار، کالے بدل کیس
بجلیاں وسن آئیاں، کر کے لال لبیس
پریتم جو پردیس، مینوں ملایا مینہہ نے
کالے بادل شمال سے امڈے
برق و باراں کی بات بن آئی
آئے پردیس سے مرے ساجن
ہر طرف ہے عجیب رعنائی
پھر اُتر سے آئے، بادل، جیسے کالے کیس،
رُت ساون کی آئی دیکھو! پہن کے بدرا بھیس،
پریتم تھے پردیس، برکھا رت میں آن ملے ہیں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا