Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَدِيُون آتَڻَ وارِيُونِ، نِرجا نَڪَ…
- (بيت) تِيئان مُومَلَ موٽَڻُ لِکِئو، سَھِسين…
- (بيت) جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون…
- (بيت) جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ…
- (بيت) خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي…
- (بيت) راڻا ھُيَسِ رِيءُ، تو سائِينءَ…
- (بيت) سوڍا شَرمايُون، پَسِي عَيبَ اَڳِيان،…
- (بيت) سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَ…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سيکاري سَھسَ،…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَڀَنِي سُونھائي،…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَھسَ سيکاري،…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، لَڄايُنِ مَرَڪُ،…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مَرڪُ لَڄايُنِ،…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُون کي…
- (بيت) سوڍا صَبُرُ تُنھِنجي، ماڻُهو ڪِي…
- (بيت) موري مُنھِن وَڏا ٿِئا، وَڍِئا…
- (بيت) پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ…
- (بيت) ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي…
- (بيت) ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي…
- (بيت) ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي…
- (بيت) ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي،…
- (بيت) ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ…
- (بيت) ڪَثافَتَ جا ڪاڪِ جِي، مَينڌَري…
- (بيت) ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو، ڏيئِي…
- (بيت) ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ…
- (بيت) ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ…
- (بيت) ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ…
- سُر راڻو جَي سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي جو بيت
جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي،
ڍولا جٖي ڍَڪيَئي، سي مَڇُڻ عَيبَ اَپَٽِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راڻا! آءٌ تنھنجي انهيءَ احسان سبب تنھنجي قرب ۾ قابو ٿي ويئي آهيان، جو تو ڪڏهن منھنجن عيبن کي ظاهر نہ ڪيو آهي. اي منھنجا پيارا پرين! جڏهن تو هن مھل تائين منھنجا عيب پئي ڍڪيا آهن، سي اڳتي متان ڪڏهن ظاهر ڪرين (ميار ڏين)!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3834
جٖيْ مُھَم﮼ مَدِيٌ نَڎِي﮼ تُوْ م﮼ ٻَڌِيَسِ تٖيْ﮶
ڊُوْلَا جٖيْ ڊَڪٖيء سٖيْ مَڇُنْ عَيْبَ اُپَٽِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे मुंहं में मदियूं न डि॒यें। तो में ब॒धियसि ते।
ढोला जे ढक्यई। से मछुणु ऐब अपटियें।
ROMAN SINDHI
Je munhn me madiyoon na Deen, to me Badhiyas te,
Dhhola je Dhhakyaee, se machhunn aib'a apatteen.
TRANSLATIONS
I am so much attached to you because you do not confront me with my faults. My beloved! Do not expose these faults which you have already condoned.
I bound myself to you so that you may not point out my faults,
O my love, faults that you covered, do not uncover.
ڈٹھا ان ڈٹھا کیتا تاہیں میں جو میری ہوئی
ظاہر ہون نا دتے میرے عیباں نوں ڈھکوئی
ماوراے مجاز ہے رانا
سر بسر بے نیاز ہے رانا
بخش دی میری ہر خطا اس نے
رحمت کارساز ہے رانا
رازِ وابستگی بتائوں کیا
میری ہستی کا راز ہے رانا
اس لیے تھا پلو تھاما، ڈھانپے عیب تو سارے،
ڈھانپ لے میرے عیبوں کو، کر نہ ظاہر پیارے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)