Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان جو بيت
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ،
ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ،
نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 99 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪڏهن تون پاڻ کي سچو چيلو چوائڻ گهرين ٿو يا بنجڻ گهرين ٿو تہ پوءِ گروءَ (رهبر) جي پوريءَ ريت پيروي ڪر، هر حال ۾ سندس سمورين ريتين رسمن جو پابند ٿيءُ. هنگلاج ڏانھن وڃڻ واري پنڌ ۾ (سلوڪ جي راھ ۾) سڀني سَڌن ۽ خواهشن تان هٿ کڻي ڇڏ. ناٿ کي ڳولهي لھڻ لاءِ يا وٽس پھچڻ لاءِ تون رڳو سڪ ۽ محبت جو رستو اختيار ڪر. (اهو سفر سڪ ۽ محبت کان سواءِ طي نہ ٿي سگهندو).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2546
جٖيْ ڀَاي﮼ جُوْکِيْ ٿِيَان تَپَرِ کُرُوْءَ جِيْ پَارِ﮶
هَوَاءٌ هِکْلَاڃَڎٖيْ وٖيْدٖيْ سَڀِ وِسَارِ﮶
نَاکَا نَاٿُ نِهَارِ سَامِيْ وَڎِيْ سِڪَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जे भांयें जोगी॒ थियां। त परि गुरूअ जी पारि।
हवाऊं हिंगलाच डे॒। वींदे सभि विसारि।
नांगा नाथु निहारि। सामी वडी॒अ सिक सें।
ROMAN SINDHI
Je bhaanein joGee thiyaan, ta par guru'a jee paar,
Hawaoon hinglaajh'a De, weende sabh'a wisaar,
Naanga naath'u nihaar, saameiy waDi'a sik'a seen.
TRANSLATIONS
If you desire to be a jogi, you shall have to obey all commandments of your guide. Before and in the course of going to the shrine at Hinglaj you shall have to forsake all worldly desires. O naked man! O saint! Please bear in mind the Master with extreme yearning and reverance.
Note: Here the guide possibly implies the Prophet of Islam.
گر یہ چاہے کہ تو بنے جوگی
جا بڑے پیار سے گرو کی اور
ڈھونڈے لے ہنگلاج میں جا کر
کہ وہیں ہیں کہیں ترے چت چور
گر تو جوگی بننا چاہے، گُرو کی ریت نبھا،
جائے جب ہنگلاج کو تو، رہے نہ حرص و ہوا،
من ہو پریت بھرا، تب درشن ہوگا ناتھ کا۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي…
- (بيت) جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ…
