ناٿُ بابت
معنيٰ
بچائيندڙ، پناھ ڏيندڙ، رکپال. مالڪ، خاوند، ڌڻي. مرشد، گُرو، سُوامي، جوڳين جو لقب.
A master, lord, often used as an affix to the names of jogis.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ، ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ، نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ، اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ، ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا، جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ھَر ھَر اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا، جَنِ نَہ مارِي ميسَ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَہ نَمائينِ، جاٽا ڪَنِ نَہ جوڳَ کي، جوڳُ نَہ جُھارينِ، اُھِڃاڻِيُون آڻِينِ، آديسِي اِلَماسَ جُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن، مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو، نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو، اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو، نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو، جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]