ناٿُ جي سنڌي معنيٰ
بچائيندڙ، پناھ ڏيندڙ، رکپال. مالڪ، خاوند، ڌڻي. مرشد، گُرو، سُوامي، جوڳين جو لقب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A master, lord, often used as an affix to the names of jogis.
ناٿُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ،
ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ،
نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 12 ]

ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا،
جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 13 ]

ھَر ھَر اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا،
جَنِ نَہ مارِي ميسَ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 14 ]

نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَہ نَمائينِ،
جاٽا ڪَنِ نَہ جوڳَ کي، جوڳُ نَہ جُھارينِ،
اُھِڃاڻِيُون آڻِينِ، آديسِي اِلَماسَ جُون.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 15 ]

نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن،
مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 16 ]

جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو،
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]

ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو،
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]