Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي…
- (بيت) اوٺِيَنِ اُماڻي، وِندُرِ جِي واٽَ…
- (بيت) اوٺِيَنِ جَهلي اَڏَ، دانھُون واڪا…
- (بيت) اَڄُ نَہ مَنُ قَرارُ، ڏِٺُمِ…
- (بيت) اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا…
- (بيت) اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو،…
- (بيت) اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَہ ڪِئو،…
- (بيت) توڻي تَتو توءِ، مُنڌَ وِرچي…
- (بيت) جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو، تَتِيءَ…
- (بيت) جي مَنَ ماھِ سي ناھَ،…
- (بيت) جي گهُران سي نانھِ، اَڻَ…
- (بيت) جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِئا…
- (بيت) جٖي مَنَ ماھِ سي ناھِ،…
- (بيت) دُکائِيندِي دُونھَڙا، مُنڌَ سيڻانِي وَڃُ،…
- (بيت) سُتِيَسِ تان ساٿَ وِئو، اُٿِيَسِ…
- (بيت) سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ…
- (بيت) سُيَئِي ڪا تَنوارَ، ڪِي ھُونئَن…
- (بيت) مُئِيين نَہ تُون مَعذُورِ، ھَلَڻُ…
- (بيت) مُنڌَ مائِٽياڻِي اُنِ جي، ھِتي…
- (بيت) مُون کي لَڪَ مَ لوڏو…
- (بيت) مُوڙھو ڳِنهي نَہ مَتِ، پَلِيان…
- (بيت) وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو…
- (بيت) وِئا تَہ ڄاڻانِ، آئُون نَہ…
- (بيت) وِئا تَہ ڄاڻانِ، آئُون نَہ…
- (بيت) وِئا سَڀَ وِرگهَہ، ڪو ڪو…
- (بيت) يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون…
- (بيت) يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي…
- (بيت) پيئِي کَڻي پَساھَ، ڏُکِي ڏيِئي…
- (بيت) ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙَھَندو…
- (بيت) کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ…
- (بيت) ڪاروُن جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو…
- (بيت) ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو…
- (بيت) ڪارُون سي ڪُوڙا، جٖي تو…
- (بيت) ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون…
- (بيت) ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ…
- (بيت) ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ…
- (بيت) ھَٿَ کَڻان تان ڏُورِ سَڏَ…
- سُر حسيني جَي وڳ قطارون ۽ ڪاروُن جو بيت
ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي،
سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 33 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جو اقرار) هوتن کي مون سان سڱ ڪرڻ جي سڪ ڪانہ هئي (هنن کي مون ڏانھن مَدي ڪانہ هئي). مون پاڻ وڃي پنهونءَ سان محبت جو ناتو ڳنڍيو. تڏهن کان وٺي آءٌ ٻاروچن جي ساٿ ۾ هنن جي ٻانهي ۽ گولي مشھور ٿي آهيان. هاڻي هاڃي هنيل ۽ مصيبت جي ماريل (سسئي) واٽ تان ڪيئن موٽندي، جنھن جي دل جو دلبر هوت ٻروچ ساڻ وٺي هليا ويا.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
होतनि कान हुई। पाणिहें पेयमि पुनुहूं सें।
बा॒निही बा॒रोचनि जी। सग॒र मन्झि सुई।
सा मोटी कीअं मुई। जंहिंजो हिंयूं होत हणी विआ।
ROMAN SINDHI
hotan'ay kaan'a hu'ee, pannihe'n piyam'ay Punhoo'n see'n.
Baanihi Baarochan'ay ji, saggar'a manjhi su'ee,
saa motti kee'en mu'ee, janhin jo hiyoo'n hot'a hanni wi'aa.