Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو…
- (بيت) عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون…
- (بيت) موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو،…
- (بيت) ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي…
- (بيت) ويٺِنِ ڪونَہ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونِهي…
- (بيت) وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ…
- (بيت) وِندُرِ جٖي وَڃَنِ، سي مَرُ…
- (بيت) وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ…
- (بيت) پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون…
- (بيت) ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان…
- (بيت) ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ…
- (بيت) ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان…
- (بيت) ھيڪاندِيءَ ھوئِي، پِرِين پاڻورِيءَ ھَلِئا،…
- (بيت) ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ…
- سُر آبڙي جَي جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي جو بيت
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
رسالن ۾ موجودگي: 79 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڏکويل سسئي، تون پنھنجي چيلهہ کي (تڪڙي پنڌ ڪرڻ خاطر) ڪپڙي سان ڇڪي چڱيءَ طرح سوگهو ڪري ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ ڪيچ جو پنڌ گهڻو پري آهي (اتي پھچڻ سولو ناهي) ۽ سورن ۽ تڪليفن کان سواءِ اهو هر گز آسان ناهي.
[روميءَ ساڳيو خيال هن طرح بيان ڪيو آهي.
هين بيا اکنون ميان را چست بند،
خيز اي گرينده و دايم بخند.
(دفتر سوم ب)
معنيٰ: هاڻي جلدي اچ ۽ پنھنجيءَ چيلهہ کي سوگهو ڪري ٻڌ، اي هيٺ ڪري پيل ۽ روئڻ وارا اٿ ۽ هميشہ لاءِ خوش ٿيءُ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 509
ڀٖيْرٖيْ ڀِيْرِيْ ٻَنڌُ سُوْرَائِتِيْ سَدِرُوْ﮶
ڪٖيْچُ پَرَاہٌ پَنڌُ سُوْرَنِ رِءَ نَہ سُٿِرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
भीड़े भीड़े ब॒धु। सूराइती सन्दिरो।
कैचु पराहूं पन्धु। मतां लकनि सें लगी॒ मरें।
ROMAN SINDHI
Bheerray bheerray Badh'u, sooraaeti sandiro,
Kech'u paraahoo'n pandh'u, mataa'n lakan'ay see'n laggi mareen.
TRANSLATIONS
(To Sasui)"O afflicted woman Gird up your belt well. Kech is far ahead of you. See that you do not get worn out amidst passes of the rocks and die there struggling".
Slacken not, nor grieve; and you shall certainly have the upper hand, if you are believers. (139, Al-Imran).
يا متفجعة ويا متوجعة!
شدي حزام الكروب شدا قويا!
سفر كيج بعيد كي لاتتورطين فى الممرات وتهلكين.
درداں سولاں والی پیٹی بنھہ لئی کس کسا کے
کیچ پہاڑی رستا لما، مرجاویں ٹکرا کے
کس کر باندھ کمر اے سسئی! کیچ بہت ہے دور،
راہ میں اے رنجور!، مر نہ جائے بھٹک بھٹک کر۔