ڪيچُ بابت
معنيٰ
ڪيچ (اسم خاص) بلوچستان جي هڪ مشھور ضلعي ۽ شھر جو نالو، پُنهونءَ جو ڳوٺ.
Kech. It is a located in the Balochistan province of Pakistan. Village of Punhoo (a charecter of Shah Abdul Latif Bhittai's poetry)
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي، سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي، بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ، ھي جي ھُو جي، اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي، جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَھِين، جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو، ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون اوتارا، مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا، ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي، روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي، نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو، ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو، ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو، پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيھُ ٻاروچَنِ جو، پُنهونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينھَن جو.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جَهلِيندي نَہ رَھِئا، ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين، بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين، ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]