پاڻِي بابت
معنيٰ
هڪ بي رنگ، شفاف، بي بوءِ وارو مادو، جيڪو سمنڊ، ڍنڍن، ندين، ھيٺ جر ۽ مٿي مينھن جي شڪل ۾ ملي ٿو، ھي جاندارن جي رطوبت جو بنياد آهي.
Water. Temper of metals.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سُوڌا سِراڻِي، پِياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي، اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين، سُتي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، يادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ، غافِلُ ٿِي غُرابَ کي،…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا، پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ، کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو، تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- تَري تُنَ پَياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَھي، کُوھو جُهر جُهونُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ، جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُھِين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪا جَا پيئِي مَڪڙِيين، مَنجهان پاڻِيءَ پِڪَ، وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِئو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- مَنجهان پيئِي مَڪُڙِيءَ، ڪا جَا پاڻِيءَ بُوندَ، سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا، ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ، موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي، ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ، تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون، ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون، لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون، نَذُرُ نَبِيءَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ، نَہ مَلاحُ نَہ مَڪُڙِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙَ، پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ، ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون، ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون، ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ، پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ، سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ، آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڪَڍِئا جٖي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِي، پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَہ جَهلي ڌَمالَ، سُپَڪَ ڀانيان سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا، قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ، ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- پاڻِي سَھي نَہ پيرُ، لَهرِ نِياپو نَہ مُئي، آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانڀارَنِ جُون.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جُنبِي جوءِ، ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ، جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون، سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ، وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي، توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون، ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون، چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ، اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ، نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي، اَندَرِ جَنِي اُڃَ، پاڻِي اُڃِئو اُنِ کي.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ، جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ، لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي، ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين، آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي، پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ، ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ، ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان، نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي، پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مَٿي مَنجهان مِينھُن پَسو، جِيئَن پاڻِي وَھي، مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ، سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان…[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ، اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ، راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھَلو ڏورِيُون ڏُٿَ کي، پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ، ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾، جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي، مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا، نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ، اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڍورُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، مَھِندِ مَلاحَنِ لَکِئو، موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ، جَسودَنَ جِھَڙا يارَ، پِئا ويرَ وِماسَ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو، پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو، ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- نيڻَ جٖي نِھارِينِ، سي اَڄُ نَہ اوٺِي آيا، ھَنجُون نَہ وَسائِينِ، پاڻِي پُنهونءَ ڄامَ ري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ، رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ، تِئان ميڙي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ، جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماڙِيءَ چَڙِهي سُومَرا، آئُون ھَڏِ لَڄاڻِي، ھَٿان مُون مَ ھارِيين، پائُرَ جو پاڻِي، ٻولِي ٻاٻاڻِي، وَٺِي شالَ ويڙِه پِھان.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ، ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران، پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران، ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَنِ ۾، وارو ويسَلِيُنِ کي، ڏِينھان ڪو نَہ ڏي، مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي، آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري، اِلاهِي عِنايَتَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون، ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون، جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ڄارِيُون کارِيُون ڇَڄ ڇِپِرِيُون، جَنِ جِي مَحَبتَ مَڇِيءَ ساڻُ، رَھَنِ وِھَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀَڪا بَدِبُوءِ ھاڻِ، لُڌِڙَنِ جِيئَن لَطِيفُ چئَي،…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]
- جَنھِن پاڻِيءَ ۾ پُونئَرا، چِلُڙَ چِڪَ گهَڻِي، وِئا چِتُ کَڻِي، تَنھِن سَرَ مَٿان ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]